سنڌ سان ناانصافين خلاف عوامي تحريڪ جو سجاڳي مارچ بٺوري پهتو

ميرپور بٺورو :- سنڌو دريا تي ڊيمن جي اڏاوت، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد، ڌارين جي آبادڪاري، نياڻين جي قتل، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، تعليم جي تباهي ۽ بيروزگاري خلاف عوامي تحريڪ طرفان ميرپور بٺوري ۾ سجاڳي مارچ ڪڍيو ويو.

عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيي، وسند ٿري، ڏاڏا قادر رانٽي، حور النسا پليجو، علي محمد پرويز ميمڻ، مربت ھاليپوٽي، حسين آزاد ميمڻ، دريا خان زمئور، ساگر مجيد پرھياڙ، ايوب ٻاپيتار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي سجاڳي مارچ ٺٽي، چوھڙ جمالي، جاتي ۽ جاتي چوڪ کان ٿيندو ميرپوربٺوري پھتو، جنهن جي شاندار آجيان ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پ ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن پارٽيون آهن، تحريڪ انصاف عوام دشمن حڪومت ثابت ٿي آهي، پ پ اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي ته انهن کي سنڌ جو درد ياد ايندو آهي پر جڏهن اقتدار ۾ هوندي آهي ته سنڌ جا درد وساري ڇڏيندي آهي.

هنن چيو ته سنڌ جي تعليم تباهه آهي، روزگار تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، يونيورسٽين مان نياڻين جا لاش موڪلي تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي، بحريا ٽائون ۽ ذوالفقار آباد ٺاهي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ جهدوجهد جي ميدان ۾ اچڻو پوندو، جيڪڏهن اسان خاموشي اختيار ڪئي ته تباهه ٿي وينداسين.

سجاڳي مارچ ميرپور بٺوري بعد دڙي شهر ڏانهن روانو ٿي ويو.