سنڌ سان ناانصافين جو ڊگهو سلسلو-ظلم آخر ڪڏهن ختم ٿيندو…؟؟

سنڌ ڌرتي ھڪ پنھنجي تاريخي حيثيت رکي ٿي، جيڪا موهن جي دڙي جيان ساڍا چار ھزار سال پنھنجي پراڻي ثقافت رکي ٿي، سنڌ ڌرتي تي اربن 712ع کان وٺي 1025ع تائين حڪومت ڪئي، ان کانپوءِ سومرن جو دور آيو، جنھن 1026ع کان وٺي 1350ع تائين پنھنجا حڪمراني جا فرض سرانجام ڏنا، جنھن جو پھريون حڪمران سردار سومر خان ھو ۽ آخري حڪمران حمير خان سومرو ھو. اھڙيءَ ئي نموني سنڌ تي سن 1351ع کان وٺي 1526ع تائين سمن حڪمراني جا فرض سرانجام ڏنا، جنھن جو پھريون حڪمران ڄام انڙ ھو ۽ آخري حڪمران ڄام فيرو الدين ھو. ڪلھوڙن جي دور کي سنڌ تي حڪمراني جو سونھري دور چيو ويندو آھي، جنھن پنھنجي سنڌ تي حڪمراني سن 1701ع کان وٺي 1783ع تائين مڪمل ڪئي. يار محمد ڪلهوڙو پھريون ۽ سرفراز ڪلھوڙو سندن آخري حڪمران ھو. هالاڻي جي ميدان تي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن وچ ۾ سن 1783ع جي اندر جنگ لڳي، جنھن ۾ ٽالپرن ڪلھوڙن کي شڪست ڏئي سنڌ ۾ حڪمراني جي شروعات ڪئي. ٽالپرن سنڌ اندر سن 1783ع کان وٺي 1843ع تائين حڪمراني ڪئي. اھڙي نموني وري 1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻي جي ميدان تي انگريزن ٽالپرن کي شڪست ڏئي پاڻ حڪمراني ڪيائون، جنھن جي 1842ع کان 1947ع تائين حڪمراني ڪئي. 1947ع ۾ ٻه قومي نظريي جنم ورتو، قائداعظم ھڪڙي مسلمان ملڪ جي ڊمانڊ ڪئي، جيڪا قبول ڪئي، جنھن جو نالو پاڪستان رکيو ويو، سنڌ پاڪستان ٺھڻ کان پھريان ئي ھڪڙي الڳ رياست ھئي، جنھن کي گورن 1843ع ۾ ممبئي ۾ شامل ڪيو ۽ بعد ۾ وري سن 1936ع ۾ ممبئي کان ڌار ڪري ھڪ الڳ رياست ٺاھي وئي. سن 1947ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جي اندر ٻه قومي نظريي جي حمايت ڪندي جي ايم سيد پاڪستان سان الحاق جي حق ۾ ھڪڙي قرارداد منظور ڪرائي وئي. اھڙي طرح سنڌ پاڪستان جو حصو بڻجي ويو.
تاريخ جي درين ۾ جھڙي نموني ڪشميرين ٻه قومي نظريي کي مڃي ڪري انڊيا سان الحاق ڪري تمام گھڻو پڇتايو آھي، ان جو اندازو توھان کي ڪشميري عورت اڳواڻ محبوبه مفتي جي تازي بيان مان لڳائي سگھو ٿا، جنھن ۾ هن چيو ته ٻه قومي نظريي کي نه مڃڻ اسان جي تمام وڏي غلطي ھئي، اسان کي اھو به اندازو آھي ته جھڙي نموني ان وقت ڪشميري عوام ٻه قومي نظريي کي نه مڃڻ ڪري ھن وقت تائين سزا ڀوڳي رھي آھي، ساڳي نموني جي ايم سيد به پنھنجي تاريخي فيصلي تي نظرثاني ڪري باقي زندگي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪرڻ ۽ حق وٺڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ سائين جي ايم سيد ٻين سنڌين کي مخاطب ٿيندي چيو آهي: تڪليفن کان گھٻرايو ڇو ٿا، تڪليفون انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪنديون آھن، سوچڻ سان ماڻھون ڏاھو ٿيندو آھي ۽ ڏاھپ ماڻھن کي جيئڻ جي لائق بڻائيندي آھي. حقيقت ۾ اصل ڪھاڻي اتان کان شروع ٿئي ٿي، جڏھن اسان رسمي آزادي ته حاصل ڪئي سين، پر اسان حقيقي آزادي حاصل ڪرڻ کان لاچار بڻجي وياسين. سنڌ جو پاڪستان سان الحاق ٿيڻ ۽ آزادي حاصل ڪرڻ کان وٺي اسان سان ھڪ ويساھ گهاتين جو ھڪ دور شروع ٿي ويو، جيڪو اڃا تائين ھلندڙ ۽ اھو ھلندو رھندو، ماڻھو ته ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ وارو مثال ڏيندا آھن، پر وفاق اسان کان ماٽيلي ماءُ کان به بدتر ٿو ڪري. مون کي لڳي ٿو ٻرڙي به پنھنجي ٻارن سان ايتري نه ڪئي ھوندي، جيتري وفاق سنڌ سان ڪئي آھي. وفاق جي ھميشه اھا عادت ۽ ڪوشش رھي آھي ته ان سنڌ جي معدنيات، وسيلن ۽ آمدني تي ھميشه ڌاڙا ھنيا آھن، جيئن شاعر چئي ٿو:
مون پڪ سڃاتا پنھنجا،
غيرن سان گڏ ڌاڙي ۾!
وفاق سنڌ کي ھر طرح سان نظرانداز ڪيو آھي، سنڌين کي ھر طرح جي حقن کان محروم رکيو ويو آھي، سنڌ ساليانو لڳ ڀڳ 1000 ارب رپيا وفاق کي ڪمائي ڏئي ٿي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته بدلي ۾ وفاق صرف 150 ارب رپيا ڏئي ٿي، جيڪا ڀڳڙن جي مٺ جي برابر به نه آھي، باقي اربين رپيا سنڌ جي ڪمائي وفاق پنھنجا، شاھي خرچ ۽ ٻين صوبن تي خرچ ڪرڻ ۾ مصروف آھي. سنڌ ۾ تمام گھڻا گئس ۽ تيل جا ذخيرا موجود آھن، جنھن مان 70 سيڪڙو گئس ۽ تيل پيداوار ٿئي ٿي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته وفاق سڄي رائلٽي پاڻ جتائي، سڀئي وسيلا پاڻ ڏانھن کڻي وڃي ٿو، ان جي بدلي ۾ سنڌ کي انمول تحفو ڏنو وڃي ٿو، نه گئس نه بجلي رڳو اوندھ ئي اوندھ، توھان ھاڻي به ڏسندئو ته سنڌ جا ڪيترائي علائقا آھن، جيڪي اڄ به هن جديد دور ۾ بجلي ۽ گئس جھڙي نعمت کان محروم آهن. مون کي تمام افسوس ٿيندو آھي سنڌ امڙ جي حالت ڏسي، جتي امڙن جا لال گرمي کان ھيڻا ٿي روئندا آھن ۽ ھو تڪ جي ايم اين اي کي بدعائن سان گڏ وقت جي حڪمران کي به نه ڇڏيندا آھن. وفاق ۾ 800 کاتا آھن، جنھن ۾ ڪيترن ئي کاتن ۾ سنڌ جي ڪوٽا رکيل آھي، پر سنڌين کي نوڪري ڏيڻ ڄڻ ته دشمنن کي دعوت ڏيڻ آھي، جبري گمشدگيون سنڌ ۾ عام آھن، اھو ھڪ اھم مسئلو آھي، سنڌ جي ھر ھڪ گھر جو لال گمشده آھي، مائرن کان پنھنجا لال گم آھن، مائرن جا لال جيڪي سيني ۾ سانڍڻ جھڙا آھن، سي اڄ ٽارچر سيلن ۾ سانڍجي چڪا آھن. 1947ع کان وٺي ھڪ به سنڌي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ نه کنيو ويو آھي. چون ٿا ته سنڌي ھوشيار ناهن، آزادي کانپوءِ سنڌ کي صرف ۽ صرف لاش ڏنا ويا، اسان جا موڀي جوان ماريا ويا، اسان ڏي راولپنڊيءَ، سڪرنڊ، ڪراچي، خيرپور ۽ اسلام آباد مان لاش موڪليا ويا، مائرن جا لال کسيا، عورتن جا ور کسيا ويا، سنڌ جا محافظ کسيا ويا، سنڌ جون راڻيون ريھون ڪنديون رھيون، پر وقت جي بادشاھن جي ڪنن تي جونءَ به نه سري. اڄ وري اھا ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي الڳ ڪري آرٽيڪل 147 تحت وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا سنڌ جي شعور کي ڪڏھن به قابل قبول ناھي. سنڌ روئي رھي آھي، سنڌ رڙي رھي آھي، وقت جي حاڪمن اھڙيون ته چالون چليون جو نانگ به مري ۽ لٺ به بچي، ڪي ڳڀرو جوان ماريا ۽ ڪي وري خريد ۽ فروخت ڪيا ويا، آبادگارن جو اناج کسيو ويو، ھنن جو گذر سفر کسيو ويو، انھن کي مفلوج بڻايو ويو، ظالمن پنھنجو غلام بڻائي ڇڏيو.
سنڌ جي ھن وقت حالت اھڙي آھي جو ھر گھر ۾ روڄ راڙو ۽ نفرتن جو ٻج ڇٽيو ويو آھي، امڙ جي حالت اھڙي ڪئي وئي جو ڪوبه سنڌي سنڌ کي ليڊ ڪرڻ وارو ناهي بچيو، سنڌ جي تحريڪن کي به ڪچليو ويو آھي، سنڌ روئي رڙي رھي آھي، سنڌ ٽھڪندڙ باھ ۾ پاڻي جيان ٽھڪي رھي آهي، سنڌ جو ڪو والي وارث ناھي، ڌرتي مان وڪاميل گھوڙن جي ھٿن ۾ اچي وئي آھي، سنڌ سڙي رھي آھي، سنڌ روئي رھي آھي. مون کي افسوس ٿيندو آھي سنڌ جي وارثي جي دعويدارن ۽ وڪاميل گھوڙن تي، جن جو به سنڌ جي ويساھ گھاتين ۾ اھم ڪردار آھي، جن کي مان غدار به چئي سگھان ٿو، ڇو ته جنھن فرد پنھنجي ڌرتي سان وفا نه ڪئي، جنھن سنڌ امڙ سان وفا نه ڪئي، انھن کي غدار ئي چئي سگھجي ٿو. الائي ڇو منھنجي سنڌ امڙ جي اھا بدقسمتي چئبي ته ھن بھادر ۽ دلير پٽن سان گڏ غدارن کي به جنم ڏنو آھي، جيڪڏھن اھي نه ھجن ھا ته شايد! محمد بن قاسم راجا ڏاھر کي شڪست نه ڏئي ھا. شايد! ميرن کي پنھنجن مان نه لڳي ھا. شايد! مير انگريزن کان نه ھارائي وڃن ھا. شايد! تروٽ روپلي ڪولھي کي گرفتار نه ڪري سگھي ھا. شايد! راڻا ڪرن سنگھ تروٽ جي ھٿان ننگرپارڪر شھر ۾ گرفتار نه ٿئي ھا ۽ ھن کي انڊمان جي ٻيٽ ۾ ڪاري پاڻي جي سزا نه اچي ھا. شايد! ڪرنل ايواننس کي اھا خبر نه پوي ھا ته راڻا ڪرن سنگھ ننگرپارڪر جي سڀني کوھن ۾ زھر وجھرائي ڇڏيو آھي. شايد! ٽيپو سلطان به بھادر جيان نه مري ھا. شايد! اڄ سنڌ جا ھزارين نوجوان نه کنڀجن ھا، شايد! امڙ جي گود خالي نه ٿئي ھا. شايد! سنڌ ۾ خوشحالي اچي ھا! شايد! بک ۽ بدحالي ختم ٿئي ھا، پر افسوس ائين نه ٿي سگھيو. سنڌ جي ويساھ گھاتين ۾ سڀني کان مٿانھون ڪردار سنڌ جي انھن سياستدانن جو ٿئي ٿو، جيڪي اسلام آباد جي ايوانن ۾ سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪري ننڊ ستل آھن ۽ پنھنجي زندگي جا مزا ماڻي رھيا آھن. جلسن ۽ جلوسن ۾ سنڌ جا حق وٺي ڏيڻ لاءِ تمام وڏيون ڳالھيون ڪندا آھن، تيل، گئس، معدنيات، آمدني تي سنڌ ۾ سنڌين جو حق تسليم ڪندي جڏھن اھي وفاق ۾ پھچندا آھن ته ھنن جي زبانن تي الائي ڪھڙي قسم جا تالا لڳي ويندا آھن ۽ ھو ھڪ گهري ننڊ ۾ ھليا ويندا آھن ۽ انهن کي صرف ۽ صرف پنھنجا مفاد نظر ايندا آھن. انھن مان ڪجھ سنڌ جي سينيئر سياستدانن جو ھتي ضرور ذڪر ڪندس، جيڪي پيڙھين کان وفاق جي ايوانن ۾ ته آھن، پر سنڌ جو غريب ۽ حق نظر نٿو اچين. جڏھن اسان اتر سنڌ کان شروع ڪنداسين ته جنھن ۾ قمبر-شهدادڪوٽ جا چانڊيا ۽ مگسي صاحب، لاڙڪاڻي جا پيپلز پارٽيءَ جا مختلف اميدوار، دادو جا جتوئي، شڪارپور جا مھر، ڀيا، شيخ، سکر جا شاھ ۽ شيخ، ڪشمور جا مزاري، جيڪب آباد جا جکراڻي، نوشهروفيروز جا جتوئي، نوابشاھ جو زرداري خاندان، گھوٽڪي جا مھر ۽ لنڊ، مٽياري جا مخدوم ۽ سيد، سانگھڙ جو فنڪشنل ليگ، خيرپور جا پير ۽ ٺٽي جا شيرازي ڀائر نمايان آھن، جن صاحبن پيڙھين کان اقتدار جي ايوانن جا مزا ماڻيا، پر سنڌ جي حقن لاءِ اسيمبلي فورم تي نه ڳالھايو. سائين جن ڳالھائڻ ته پري جي ڳالھ اسيمبلي ۾ ويھڻ به پسند نه ڪندا آھن، باقي نواب يوسف ٽالپر جنھن جو تعلق عمرڪوٽ، سسئي پليجو ٺٽو ۽ شھيد خالد محمود سومرو جن ھميشه وفاق جي ناانصافين تي اسيمبليءَ جي فورم تي ضرور ڳالھايو آھي، جيڪي تعريف جي ضرور لائق آھن، چاھي اھو ڪالاباغ ڊئم جو مسئلو ھجي، ڌارين جي آبادڪاري ھجي. سنڌ جي حقن جي ڳالھ ھجي، جن سنڌ جي ھر مفاد لاءِ اسيمبليءَ جي فورم تي ڳالھايو ھو ۽ آھي، باقي ٻين سياستدانن پنھنجي مفادن خاطر چپ جو روزو نه کوليو ۽ ھميشه سنڌين جي حقن ۽ ووٽن جو پائمال ڪيائون.
سياستدان کانپوءِ سنڌ جي ويساھ گهاتين ۾ اضافي جو سبب سنڌ جا ليکڪ، شاعر، اديب ۽ دانشور، جيڪي پنھنجي مفادن خاطر پنھنجي قلم جو وڪاڻو ڪري رھيا آھن، جن پنھنجي شاعريءَ ۾ ھميشه وفاق جي عنصرن کي شامل ڪيو، جن عھدا وٺڻ لاءِ سنڌ جو سودو ڪيو، ھڪ رائيٽر سچ نه لکيو، ھن سچ لڪايو، ھڪ صحافي به ساڳيو ڪيو ته يقين ڪريو اھو انھن سنڌ امڙ سان تمام وڏو دوکو ڪيو آھي. مون ڪيترائي آرٽيڪل، مضمون، رپورٽون ۽ شاعري پڙھي آھي، جيڪا صرف ۽ صرف وڪاميل گھوڙي جيان آھي، جيڪڏھن راجا ڏاھر جي دور ۾ ڪو سچو شاعر ھجي ھا ته ھو سنڌ ۾ شڪست نه کائي وڃي ھا. اھم ويساھ گهاتين ۾ اضافو ڪندڙ اسان جو پنھنجو به قصور آھي. اسان ڇو ٿا اھڙا سياستدان چونڊيون، جيڪي ايوانن ۾ وڃي ننڊ ٿا ڪن. اسان سياستدان سان تصويرون ڪڍرائڻ ۽ اھا تصوير سوشل ميڊيا تي رکڻ ۾ وڏي خوشي محسوس ڪندا آهيون. مون کي افسوس ٿيندو آھي سنڌ جي نوجوانن تي، جيڪي سڄو ڏينھن وڏيرن جي اوطاقن ۽ بنگلن تي حاضري ڀريندا رھن ٿا. اسان کي ھڪ ليڊر جي ضرورت آھي، اسان جي سنڌ کي ھڪ اھڙي ليڊر جي ضرورت آھي، جيڪو سنڌ جي دردن جو درمان محسوس ڪري ۽ سنڌ کي حق وٺي ڏيڻ ۾ پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪري. ھا! ھڪڙي اميد آھي، آخر ته اھو ڏينھن ايندو، جڏھن ھڪ اھڙو ليڊر پيدا ٿيندو، جنھن جي اوسيئڙي ۾ ھي سنڌ خوشحال ٿي ويندي. صوفين جي ڌرتيءَ ۾ آخر ته ايندي خوشحالي، آخر ته صوفين جي ڌرتي تي خوشحالي جو سج اڀرندو، اُھو وقت پري ناھي، اھو ٽائيم ضرور ايندو، آخر ته سنڌ جي ماروئڙن کي انصاف ملندو، آخر ته ڌرتي جي جوڌن جا خواب ساڀيان ٿيندا، آخر ته صبح جو اسڪول ويندڙ ٻچڙن جي منھن تي مسڪراهٽ ايندي، آخر ته منھنجي سنڌ جي ھاري جو خواب ساڀيان ٿيندو، آخر ته سنڌ جي عورتن جون عزتون محفوظ ٿينديون، آخر ته سنڌ جي کنڀي گم ڪيل ڳڀرو نوجوانن جو ديدار ٿيندو، آخر ته شھيدن جي خون جو انصاف ٿيندو، آخر ته شيخ اياز جي ڌرتي تعليم يافته ٿيندي. بس! ھن جوڳين کي جاڳڻو پوندو. بس! ھن جوڳين کي سوچڻو پوندو. شاھ عبداللطيف جي سنڌين کي صحيح چونڊ ڪرڻي پوندي، ھوشو جي سنڌين کي ھن وڏيرا شاھي جھڙي موذي مرض کان جان ڇڏائڻي پوندي.
جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا،
سور نه رھندا ساڳيا،
     ڪنداسين دما دم مست قلندر!

ليکڪ : انيس باقي بلوچ

aneesbaqi@gmail.com