سنڌ حڪومت ڪورونا سبب سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ 15 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي :- سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب صوبي اندر سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ 15 جولاءِ تائين وڌا ڪري ڇڏي آهي، نوٽيفڪيشن تحت مارڪيٽ ۽ دڪان هفتي ۾ پنج ڏينهن کليل رهندا، ڪاروبار صبح 6 کان شام 7 وڳي تائين کلي سگهندو. سنڌ جي گهرو کاتي صوبي اندر لاڪ ڊائون ۾ واڌ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، تعليمي ۽ تربيتي ادارا، شادي هال، بزنس سينٽر ۽ ايڪسپو هال پڻ بند رهندا، جڏهن ته هوم ڊيلوري رات 11هين وڳي تائين ڪري سگهبي. گهرو کاتي موجب، مارڪيٽ ۽ دڪان هفتي ۾ پنج ڏينهن کليل رهندا، ڪاروبار صبح 6 کان شام 7 وڳي تائين کلي سگهندو. نوٽيفڪيشن تحت، ميڊيڪل اسٽور ۽ کير، ڏهي، پرچون ۽ ٻين عام واهپي جي شين جا دڪان پابندي کان آجا هوندا.