سنڌ حڪومت کي بجلي ۽ گيس جي بلن ۾ رعايت جو اختيار ناهي : گورنر سنڌ

ڪراچي :- سنڌ گورنر هائوس طرفان جاري ٿيل بيان موجب سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪورونا ريليف آرڊيننس 2020 رد ڪندي سنڌ حڪومت کي واپس موڪلي ڇڏيو آهي.گورنر عمران اسماعيل ريليف آرڊيننس تي خدشن کان سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيوآ هي .گورنر سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت بجلي ۽ گيس جي بلن ۾ رعايت نٿي ڏئي سگهي، بجلي نيشنل گرڊ اسٽيشن مان ايندي آهي ،سنڌ حڪومت کي رعايت جو اختيار ناهي جڏهن ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽِي آرڊيننس 2002 تحت گيس به وفاقي معاملو آهي . سنڌ حڪومت جي ڪورونا ريليف آرڊيننس تحت صوبي ۾ ڪنهن به ملازم کي نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو ۽ پاڻي ،بجلي ۽ گيس جا گهٽ بل نه ورتا ويندا. سنڌ حڪومت ڪورونا ريليف آرڊيننس 2020 کي منظوري لاءِ سنڌ جي گورنر ڏانهن موڪليو هو ، گونر عمران اسماعيل آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو آهي.