سنڌ حڪومت ڄامشورو جي 500 ايڪڙ زمين بحريا ٽائون کي ڏئي سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو آهي: سنڌو نواز گهانگهرو

حيدرآباد :- سنڌ حڪومت پاران ڄامشورو جي 500 ايڪڙ زمين بحريا ٽائون کي ڏيڻ واري عمل خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو، حمز علي چانڊيو، سھيل ڀٽو، اسد مغيري ۽ ٻين پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ حڪومت ڄامشورو جي 500 ايڪڙ زمين بحريا ٽائون کي الاٽ ڪري سنڌ دشمني جو واضح ۽ چٽو ثبوت ڏنو آهي، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي معرفت ڌاري آبادڪاري کي ھٿي ڏئي رھي آھي جيڪو بلڪل غلط عمل آھي، ھنن چيو ته سنڌ جا نوجوان ھاڻي سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ اھي ھاڻي اھڙن سنڌ دشمن منصوبن کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندا، ھنن چيو ته سنڌ جون زمينون بحريا ٽائون کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري ڏنيون پيون وڃن جيڪو سنڌين جي حقن تي ڌاڙو آھي ۽ سنڌ حڪومت جي اھڙي عمل خلاف سنڌ جي عوام ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي، ھنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻين ٿا ۽ ھن سنڌ دشمن منصوبي کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندا، ھنن مطالبو ڪيو ڄامشورو جي زمين بحريا ٽائون کي ڏيڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.