سنڌ حڪومت پاران 19 ادارا خانگائڻ واري فيصلي جي مخالفت

ڪراچي:- سنڌ حڪومت ملڪ جا 19 وڏا ادارا خانگائڻ واري وفاقي فيصلي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته ادارن کي خانگائڻ قومي مفاد ۾ ناهي، اهڙو قدم پنهنجا نوازي پاليسي جو حصو آهي، هو ملازمن کي بيروزگار ٿيڻ نه  ڏيندا. جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته وفاق ملڪ جا 19 ادارا پرائيويٽ ڪرڻ جي سازش تيار ڪري ورتي آهي. هن چيو ته اسٽيل ملز، روزويلٽ، سروس انٽرنيشنل هوٽل لاهور، بلوڪي پاور، حويلي بهادر پلانٽ کي پرائيويٽ ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته نندي پور،گڊوپاورپلانٽ،  اسٽيٽ لائف، او جي ڊي سي ايل، پي ايس او، ڄامشورو پاورجنريشن، لاکهڙا پاورپلانٽ ۽ سنڌ انجنيئرنگ کي هو پرائيويٽ ڪرڻ نه ڏيندا. هن چيو ته وفاق جو اهڙو فيصلو بدنيتي تي ٻڌل  آهي، ادارن کي خانگائڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪن ٿا. اسماعيل راهو چيو ته اهي ادارا ڀڳڙن جي مٺن تي عمران خان جي اي ٽي ايم مشينز جي حوالي ڪيا ويندا، اها نجڪاري قومي مفاد نه پر پنهنجا نوازي پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته ادارا وڪرو ڪرڻ سان 32 هزار755 ملازم بيروزگار ٿيندا، سنڌ حڪومت 32 هزار کان وڌيڪ خاندانن جي گهرن جو چلهو وسامڻ نه ڏيندي. اسماعيل راهو چيو ته  سنڌ حڪومت سليڪٽيڊ حڪومت کي ادارا وڪرو ڪرڻ ۽ ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ نه ڏيندي