سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي خدشي کي نظر ۾ رکندي رمضان بچت بازار نه لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي :- سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي خدشي کي نظر ۾ رکندي رمضان بچت بازار نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي گڏ ٿيڻ سبب ڪورونا وائرس وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي ۽ ان لاءِ رمضان بچت بازار نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو. صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته رمضان بچت بازار لڳڻ ڪري ماڻهو گڏ ٿي ويندا جنهن ڪري وائرس پکڙجڻ جو خدشو آهي. اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته اهو فيصلو شهرين جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي ڪيو آهي، منڊين مان دڪانن ۽ اسٽالن تي ميون ۽ سبزين کي پهچايو ويندو. اسماعيل راهو اهو به چيو ته رمضان شريف ۾ سرڪار پاران مقرر ڪيل اگهه تي آن لائن سبزي ۽ ميوا به گهرائي سگهندا. اسماعيل راهو سنڌ صوبي جي سمورين سبزي منيڊين ۾ به سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.