سنڌ حڪومت پاران ڪراچي انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ ورلڊ بينڪ کان مدد طلب

ڪراچي:- سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سان سڄي صوبي ۾ 143.9 ملين ڊالر جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ شهر جي مينهن مان متاثر انفرا اسٽريڪچر جي بحالي جي سهڪار تي زور ڏنو. سنڌ جي وڏي وزير جي آفيس مان جاري بيان موجب ويڊيو لنڪ تي رٿيل اجلاس ۾ ورلڊ بينڪ جي نئين ڪنٽري ڊائريڪٽر نيجي بينهيسن ۽ هن جي ٽيم اسلام آباد مان شرڪت ڪئي جڏهن ته چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ سيڪريٽري ماليات حسن نقوي وڏي وزير سان سهڪار ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته آگسٽ ۾ هڪ ڏينهن ۾ 250 ملي ميٽر مينهن وسيو جنهن سان شهر جو نيٽ ورڪ تباهه ٿي ويو آهي، ان ڪري حڪومت متاثر روڊن جي ٻيهر اڏاوت جو فيصلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته صوبائي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سمورن مينهن جي نالن تي قبضي کان پوءِ ڪيل اڏاوتن کي هٽائي نالن کي صاف ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي ٻين چار ضلعن ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ بدين ۾ به تيز مينهن وسيو ۽ مون اُتان جو دورو ڪري آيو آهيان. ڄاڻايل ضلعن جي حوالي سان هن چيو ته هتي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ مينهن جي پاڻي وڏي انگ ۾ شهرين جي گهرن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اسان متاثر شهرين کي عمرڪوٽ ۾ قائم خيمن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي. پڌرائي موجب ورلڊ بينڪ جي سربراهه سنڌ جي وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته هو مينهن جي نالن تي اڏاوت سميت ڪراچي جي انفرا اسٽريڪچر جي ٻيهر اڏاوت لاءِ مالي منصوبي تي ڪم ڪندا