سنڌ حڪومت پاران ڪراچي آفت سٽيل قرار، شهر ۾ تباهي واري صورتحال آهي، شهري غيرضروري ٻاهر نه نڪرن: مراد علي شاهه

ڪراچي :- وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، برسات دوران شهرين کي گهرن کان غير ضروري نه نڪرڻ جا اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، شديد برسات ۾ ڪجهه به نٿو ٿي سگهي، هيٺاهين وارن علائقن کانسواءِ شهر مان پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه ۽ ڪمشنر ڪراچي سان گڏ شهر جي دوري تي نڪري پيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طارق روڊ شاهراهه فيصل، گلشن، جيل روڊ، پراڻي سبزي منڊي سميت مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال واري عمل جو جائزو ورتو. وڏي وزير  گلستان جوهر ويجهو ملينيم وٽ ڀت ڪرڻ واري حادثي واري هنڌ پڻ پهتو. سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته برسات دوران ڀت اوچتو ڪري پئي، جنهن سبب چئن ٻارڙن ۽ ٽن عورتن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن مان ست مڙهه ڪڍيا ويا آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هي وڄ ڪرڻ جو واقعو ناهي، برسات دوران ڀت اوچتو ڌماڪي سان ڪري آهي. ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته سڄي ڪراچيءَ کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، هن ڀيري  اندازي کان وڌيڪ برسات ٿي، ريسڪيو جو ڪم شروع ڪرڻ ۾ دير ٿي. هن چيو ته شهر جي صورتحال سڀني آڏو آهي، سنڌ سرڪار  جا نمائندا هر هنڌ پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته آرمي، نيوي ۽ سنڌ حڪومت کي درخواست آهي ته اهي اچن. ان کان اڳ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيوته برسات سبب ڪراچيءَ ۾ تباهي واري صورتحال آهي،  پر شهرين کي بي يارومددگار ڇڏڻ وارو غلط تاثر ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته سندن ٽيمون صبح کان روڊن تي رڌل آهن، تيز برسات گهٽ ٿيڻ تائين ڪجهه نٿو ڪري سگهجي، هو پاڻ صبح کان پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هيٺاهين وارن علائقن کانسواءِ شهر مان پاڻي نيڪال ٿي چڪو، ڪوشش آهي جتي گهرن کي نقصان ٿيو اتان پهريان پاڻي ڪڍيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته وڌيڪ برسات ٿي ته صورتحال خراب ٿيندي، ضلعي انتظاميه کي چيو متاثرن کي اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ رهايو وڃي.  وڏي وزير چيو ته متاثرن کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ برسات سبب تباهي واري صورتحال آهي، ماڻهن کي اپيل آهي ته گهرن ۾ رهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سمورن وزيرن جي هر ضلعي ۾ ڊيوٽي لڳائي آهي، خاص طور جتي وڌيڪ برسات پئي آهي، هو ماڻهن سان گڏ آهن