سنڌ حڪومت پاران يو ايس ايڊ تحت قائم 71 نوان اسڪول نجي شعبي حوالي

ڪراچي :-  سنڌ حڪومت يو ايس ايڊ تحت قائم ڪيل 71 نوان اسڪول نجي شعبي حوالي ڪري ڇڏيا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موجب پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ سنڌ سڀ کان بهتر ڪم ڪري رهيو آهي، اهي اسڪول سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام تحت قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته آمريڪي حڪومت اهي اسڪول تعليم جي بهتري لاءِ تحفو ڏنا هئا، يو ايس ايڊ سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ترقي لاءِ مدد ڪري رهيو آهي، اهو بهتر تعليم، جديد ٽيچنگ ۽ ٻارن کي اسڪول واپس آڻڻ جو پروگرام آهي. ان ڏس ۾ تعليم واري وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته انهن اسڪولن مان 25 نوان اسڪول 5 ضلعن ۾ آهن، اهي اسڪول دادو، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ آهن، وڏي وزير جي ترجمان ٻڌايو ته سيد مراد علي شاهه اسڪول جي حوالگي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، معاهدو سنڌ حڪومت ۽ ٻن اين جي اوز وچ ۾ 10 سالن لاءِ طئي ٿيو آهي. ترجمان موجب اهي اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا 159.2 ملين ڊالر ڏنا آهن، انهن تي سنڌ حڪومت 10 ملين ڊالر خرچ ڪيو آهي، هن وقت تائين صوبي ۾ 70 اسڪول تعمير ٿي چڪا آهن، انهن مان 43 اسڪول سنڌ حڪومت نجي شعبي جي سهڪار سان هلائي رهي آهي