سنڌ حڪومت پاران موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪر لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي :- سنڌ ڪابينا جو اجلاس سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نيو سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا پاران  موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965 ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو مقصد موٽر سائيڪلن ۾ ٽريڪرز لڳائڻ آهي. ٽريڪرز لڳائڻ جو مقصد موٽر سائيڪلن جي چوري کي روڪڻ آهي. موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965 جي سيڪشن 89 کانپوءِ هڪ نئون سيڪشن لڳايو ويو آهي. ٽريڪر نون موٽرسائيڪلن ۾ لازمي هوندو. پراڻي موٽر سائيڪلن ۾ ٽريڪرز لڳائڻ سندس مالڪ جي مرضي تي ٻڌل هوندو. ڪابينا ان ڳالهه تي پڻ غور ويچار ڪيو ته قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي ان ڪري سڀني موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪرز لڳائڻو پوندو. هن وقت صوبي ۾ 44 لک موٽرسائيڪلون آهن. ڄاڻايل ايجنڊي تي وزير ٽرانسپورٽ تحت ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ وزير ايڪسائيز ۽ صوبائي وزير بلديات شامل آهن جيڪي پرپوزل قانون کاتي کي ڏيکارڻ کانپوءِ پنهنجي سفارش پيش ڪندا. ڪابينا ۾ سنڌ اربن اينڊ ريجنل ماسٽر پلان اٿارٽي قائم واري ايجنڊي تي بحث ٿيو،