سنڌ حڪومت لاڳاپيل ڊي سي کي ضلعي اوڀر جي 11 يوسيز کي مڪمل سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي :- سنڌ حڪومت لاڳاپيل ڊي سي کي ضلعي اوڀر جي 11 يوسيز کي مڪمل سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ڊي سي اوڀر جو چوڻ آهي ته اوڀر ضلعي جي يوسي گيلاني ريلوي، ڊالميان، جمال ڪالوني،گلشن، پهلوان ڳوٺ، گلزار هجري، صفوران، فيصل ڪينٽ،منظور ڪالوني،، جيڪب لائين،جمشيد ڪوارٽر سميت ٻين يوسيز کي مڪمل سيل ڪيو ويندو.ڊي سي اوڀر جو چوڻ آهي ته سيل ڪيل 11 يوسيز ۾ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري کي مقرر ڪري روڊ رستا مڪمل بند رکيا ويندا، ڪنهن کي به گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هوندي.