سنڌ حڪومت عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو،رڳو هيليڪاپٽرز تي چڪر ڏئي پئي: چيف جسٽس

ڪراچي:- سنڌ حڪومت عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، نه سنڌ حڪومت ڪم ڪري پئي ۽ نه ئي لوڪل باڊيز ڪم ڪري رهيون آهن، سُپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن بابت ڪمشنر طرفان جمع ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت ۽ لوڪل باڊيز تي ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس گلزار احمد ڪمشنر ڪراچي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ڪجهه نه ڪري سگهيا آهيو، رڳو هيليڪاپٽرز تي چڪر ڏئي واپس اچي ويندا آهيو، اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته اسان ويندا آهيون ته ماڻهو مارڻ شروع ڪندا آهن، امن امان جو مسئلو پيدا ٿي ويندو آهي، ٻن ٽن مهينن ۾ نالن تان حددخليون ختم ڪيون وينديون، چيف جسٽس چيو ته اها ته حڪومتي رِٽ آهي، سڄي شهر ۾ گٽر جو پاڻي ڀريل آهي، پاڙن ۽ گهٽين ۾ گٽر جو پاڻي موجود آهي، ماڻهو پٿر رکي هلندا آهن، ڪمشنر ڪراچي رپورٽ ۾ چيو ته ڪراچي ۾ ٽن وڏن نالن تي اين ڊي ايم اي 514 ننڍن نالن تي ڊي ايم سيز طرفان ڪم ڪيو پيو وڃي، ماڻهو 10 سالن کان نالن تي رهن پيا، چيف جسٽس چيو ته گذريل 20 سالن کان توهان ڪجهه ناهي ڪيو.