سنڌ حڪومت طرفان شروع ڪيل ٽريڪٽر اسڪيم ۾ ڪرپشن ٿيڻ جي انڪشاف مستحق ڄاڻايل لسٽ تحت ٽريڪٽر مالڪن کي نه ملي سگهيا.

سکر :- سنڌ حڪومت طرفان شروع ڪيل ٽريڪٽر اسڪيم ۾ ڪرپشن ٿيڻ جي انڪشاف تي نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي. نيب موجب سنڌ بينڪ طرفان جاري ڪيل ٽريڪٽرز حقدار مالڪن کي نه مليا آهي. نيب سکر جاچ شروع ڪري وڏي انگ ۾ لاڳاپيل ماڻهن کي طلب ڪري ورتو. متاثر ماڻهن جو چوڻ هو ته هنن ٽريڪٽر حاصل ڪرڻ درخواست ناهي ڏني سندن ڦڏو ڪيو ويو آهي. سکر ڊويزن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ٽريڪٽر نه ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب ماڻهن کي مستحق ڄاڻائي سنڌ بينڪ مان ٽريڪٽر جاري ڪرايا ويا. مستحق ڄاڻايل لسٽ تحت ٽريڪٽر مالڪن کي نه ملي سگهيا. نيب ٽيم شڪ ظاهر ڪيو آهي ته ڪرپشن ۾ بينڪ انتظاميا جو ملوث هجڻ جو انڪشاف به ٿيو آهي جنهن جي جاچ شروع آهي.