سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمتن ۾ اميدوارن جي عمر ۾ 15 سال رعايت جو نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي :- سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمتن ۾ اميدوارن جي عمر ۾ 15 سال رعايت جو نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نئون نوٽيفڪيشن پهرين جولاءِ 2020ع کان 30 جون 2022ع تائين لاڳو هوندو. نوٽيفڪيشن تحت نوڪرين ۾ 15 سال عمر جي رعايت پوليس سروس ۽ سنڌ پبلڪ سروس جي چٽاڀيٽي واري امتحانن ذريعي ڀرتين تي لاڳو نه هوندي.