سنڌ حڪومت جمعي ۽ ڇنڇر تي به ڪاروبار کليل رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪورونا وبا جي باوجود خطرو کي منهن ڏيندي رش ۾ شاپنگ ڪندڙ ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري آهي ته سنڌ حڪومت جمعي تي به واپار کليل رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.صوبائي وزير ناصر حسين شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سڄي صوبي ۾ جمعي ۽ ڇنڇر تي صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين سمورو واپار کليل رهندو، واپاري ٻئي ڏينهن ايس او پيز سان واپار ڪندا. ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته آچر تي واپار مڪمل بند هوندو، جنهن جو هدايت نامو جاري ڪيو ويندو، اميد آهي ته عوام ۽ واپاري ايس او پيز جو خيال رکندا.