سنڌ حڪومت تعليمي ادارا کولڻ جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪري ڇڏيو

ڪراچي:- سنڌ حڪومت تعليمي ادارا کولڻ جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪري ڇڏيو، تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڇهين کان اٺين جماعت جا ڪلاسز 21 سيپٽمبر تي نه کلندا، ڄاڻايل ڪلاسز 28 سيٽمبر تي کوليا ويندا، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته صورتحال بهتر نه ٿي ته تاريخ اڳتي وڌائينداسين، تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ٿي، سنڌ حڪومت ٻارن جي صحت تي سوديبازي نه ڪندي، سعيد غني چيو ته 15 تاريخ کان جيڪي تعليمي ادارا کوليا ويا مون لاڳيتو چار ئي ڏينهن اسڪولن جي وقت تي اوچتا دورا ڪيا، مختلف ڪاروبار شروع ڪرڻ وقت سڀني انهن ايس او پيز تي عمل جي خاطر ڪرائي، سڀ ڪجهه کوليو ويو پر بدقسمتي سان اڪثر هنڌن تي عمل نه ڪيو ويو، ڪورونا جي حوالي سان بهتري آئي ڪيسن ۾ ۽ فوت ٿيڻ وارن انگن ۾ گهٽتائي آئي، اسڪول کولڻ جي حوالي سان والدين انتظاميه ۽ سرڪار ۾ ڳڻتي هئي، ملڪ جي ڪروڙين شاگردن کي هڪ ٻئي سان ملڻ يا اچڻ وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيڻو هو. سڀني کي گڏ نه موڪلڻ جو سبب ايس او پيز تي عمل ٿي سگهي ٿو