سنڌ جَي ٻيٽن تي قبضي ۽ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳايل جسقم طرفان ڌرڻي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل

ٻٻرلو:سنڌ جَي ٻيٽن تي قبضي ۽ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳايل جسقم جي اڳواڻي ۾ ڌرڻي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جسقم جَي ڌرڻي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي ايس ايڇ او پيار علي جتوئي جي فرياد تي بغاوت، روڊ بند ڪرڻ، ھنگامو، گاڏين جا شيشا ڀڄڻ اڻڄاتل ماڻهن مٿان دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. ان کان اڳ لڳايل ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، نياز ڪالاڻي ۽ ٻين اڳواڻن سوڌو وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن جِي شرڪت ڪئي هئي. ڌرڻي کي خطاب دوران اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي سازش تحت آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي، صوبي جو عوام ٻيٽن تي قبضي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، حڪمران آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس واپس وٺن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي.