سنڌ جي گئس پنجاب کي ڏني پئي وڃي:راشد محمود سومرو

لاڙڪاڻو :- جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومري چيو آهي ته سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز بند ڪري پنجاب ۾ هلايون پيون وڃن، گيس تي پهريون حق سنڌ جو آهي.راشد محمود سومري سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته گيس جي بحران سبب عام زندگي متاثر ٿي رهي آهي.هن چيو ته سنڌ جي حصي جو گيس پنجاب کي ڏيڻ ڪري سنڌ ۾ چلها وسامي چڪا آهن، جڏهن ته سي اين جي اسٽيشنز مڪمل طور تي 10 ڏينهن کان بند آهن ۽ ٽرانسپورٽ بند هئڻ ڪري عوام پريشان آهي.راشد محمود سومري چيو ته سنڌ کي ايل اين جي کان گيس خريد ڪرڻ جا مشورا ڏيندڙ پنجاب کي اهڙو مشورو ڏين، سنڌ ته گيس پيدا ڪري رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته فوري طور تي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کولي گيس جو پريشر گهٽ ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي، سنڌ جيڪو گيس پيدا ڪري ٿي، ان جو پنجاهه سيڪڙو به نٿو ڏنو وڃي.