سنڌ جي ڪوئل مائي ڀاڳيءَ جي 34 هين ورسي اڄ ملهائي ويندي

نئون ڪوٽ:- نئون ڪوٽ کڙي نيم کئ نيچي ھون تو ھيڪلي 7 جولائي اڄ سنڌ جي ڪوئل مائي ڀاڳي جي 34 ورسي جو ڏڻ آهي۔  ثقافت کاتي طرفان هن عظيم ڪلاڪارا جي ياد ۾  ڪا بـ تقريب نـ ٿي سنڌ جي ڪوئل مائي ڀاڳي 1920 ۾ پسماندھ خطي ٿرپارڪر  ضلعي جي شھر  ڏيپلي ۾ وهيو فقير جي گهر ۾  جنم ورتو ريڊيو ۽ ٽي وي تي اچڻ بعد نئون ڪوٽ ۾ مسقتل رھائش اختيار ڪئي مڃتا جي بلندين کي ڇهندڙ مائي ڀاڳي  7 جولائي 1986 سومر جي ڏينهن  تي لاڏاڻو ڪيو مائي ڀاڳي جي آخري آرمگاھ سندس ئي وصيت مطابق نئون ڪوٽ لڳ درگاھ راضي شاھ لڪياري واري قبرستان ۾ آهي مائي ڀاڳي جي وفات بعد سندس گيتن کي ساڳي انداز ۾ زنده رکندڙ سندس ئي ڌي مائي سوني 3 مارچ 2014 ۾ وفات ڪري وئي جنهن بعد سندس ڏهٽي لوڪ فنڪارا مائي حليمان حيدري ۽ سندس ڏهٽو رستم فقير مائي ڀاڳي ۽ مائي سوني جي فن کي زندا رکيو اچن مائي ڀاڳي جي شاه عبدالطيف ايوارڊ سچل ايوارڊ صدارتي ايوارڊ مصري شاه امام ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ فن کي اجاگر ڪيو ثقافت کاتي جي بي حسي ۽ لاغرزي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿيندي جو 34 سال گزري وڃڻ باوجود هن سنڌ جي عظيم ڪلاڪارا جو يادگار ب تعمير ن ڪرايو آھي ضرورت ان ڳاله جي آھي ت مائي ڀاڳي جي فن ۽ فڪر کي اجاگر ڪرڻ لا۽ ڪو ادارو قائم ڪيو وڃي جيئن هتان جا نوجوان سکيا حاصل ڪري سگهن ۽ مائي ڀاڳي جا سنڌ ميوزيم ننگرپارڪر توڙي سڄي سنڌ ۾ يادگار ٺھرايا وڃن