سنڌ جي ڪرپٽ سرڪار جي سزا عوام کي نه ڏيو،وفاق ماڪڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي: قومپرست

ڄامشورو(رپورٽ:مرتضي نوحاڻي)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ سنڌ جي قومپرست پارٽين، دانشورن ۽ اديبن جو اجلاس جي ايم سيد ايديفيس ڄامشورو تي سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ عالمي وبا ڪرونا دوران سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي صورتحال تي تفصيلي/ڏسو صفحو 07 بقايا 31

 غور ويچار ڪيوويو.اجلاس ۾ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه،عوامي ورڪر پارٽي بخشل ٿلھو،عوامي جهموري پارٽي نور نبي راهوجو، نواز خان زئنور، جيئي سنڌ لبرير فرنٽ، جسم جو رياض چانڊيو، ذوالفقار علي هاليپوٽو، عوامي تحريڪ جو صدر سجاد چانڊيو، جسقم جو نياز ڪالاڻي، پروفيسر مشتاق ميراڻي، پروفيسر انعام ڀٽي،تاج جويو، امان الله شيخ،اسلم خيرپوري، رشيد سڌايو، ديدار شام امير، آزاد پنھور،ذوالفقار قادري، نور احمد ڪاتيار، ابرار قاضي، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، روشن علي ٻرڙو،حريف چانڊيو سميت ٻين جي شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ متفقا طور فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي کي ڪورونا جي صورتحال ۾ سنڌ جي عوام جي واهر ڪرڻ ۽ سنڌ جي قومي وحدت وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪندي.اجلاس ۾ گڏيل طور موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار ڪورونا جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ نمائشي لاڪ ڊائون جو ڊرامو ته رچايو عملي طور سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ لاڪ ڊائون نظر ئي ڪونه آيو.ٻئي طرف لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي ڏهاڙي جي روزگار ڪندڙ غريب پورهيت ۽ مزودورن جي واهر لاءِ سنڌ سرڪار ڪا به رٿا بندي ڪونه ڪري سگهي.جنهن جي نتيجي ۾ لکين مزدور بيروزگار ٿيا ۽ انهن جي گهر جو گذر مشڪل بڻجي ويو. غريب ماڻهن ۾ راشن ورهائڻ جي بهاني سنڌ سرڪار اربين رپيا سنڌ جي خزاني مان کنيا پر انهي جي عوام تائين رسائي ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجا نوازڻ ۽ سياسي مفاد حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ انهي ۾ ڪرپشن بي انتها ڪئي وئي.ڪورونا جي ٽيسٽن ۽ علاج لاءِ ڪراچي کان سواءِ سنڌ جي ڪنهنن به وڏي شهر ۾ ڪا به سهولت مهيا ڪونه ڪئي وئي.جڏهن ته ڊاڪٽرن جي تحفظ لاءِ سامان پڻ مهيا نه ڪيو ويو،جنهن جي سبب سوين ڊاڪٽر ۽ نرسنگ اسٽاف انهي وبائي بيماري جو شڪار ٿيا آهن،جڏهن ته ڪيترن ڊاڪٽرن جون ڪورونا سبب جانيون هليون ويون.ٻئي طرف سرڪاري سطح تي مليل ڊاڪٽرن جي تحفظ لاءِ مليل سامان پي پي جي وزيرن مشيرن جي گهر ڀاتين ملازمن جي استعمال ۾ ڏٺا ويا ۽ انعام فائونڊيشن جي نالي تي ڄامشوري جي اسپتال کي ڏنا ويا.اجلاس ۾ وفاقي سرڪار جي احساس پروگرام تحت ماڻهن کي پئسا ڏيڻ جي عمل کي بهتر سمجهندي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ته وفاقي توڙي سنڌ سرڪار انهي پئسن جي ورهاست جي عمل دوران عالمي ادارن جي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي بجاءِ سياسي دڪانداري ڪنديون رهيون،جنهن جي ڪري انهي سينٽرن مان پڻ ڪورونا پهلجڻ سان گڏوگڏ عوام جو عزت نفس مجروح ڪيو ويو.  اجلاس ۾ گڏيل طور تي ارڙهين ترميم واري معاملي تي وفاقي سرڪار ۽ اسٽئبلشمينت جي موقف جي سخت مذمت ڪندي چيو ويو ته هن وقت جڏهن ملڪ تي ڪورونا جي موت مار وبا لامارا ڏئي رهي آهي اهڙين حالتن ۾ انهي اشو کي ڇيڙي وفاقي سرڪار ملڪ جي سالميت لاءِ خطري جا سانباها ڪري رهي آهي. هي وقت آهي جنهن ۾ وفاق جي سڀني قومي وحدتن کي پاڻ ۾ متحد ٿيڻ گهرجي اهڙي صورتحال ۾ قومي وحدتن کي وڌيڪ محڪوم بڻائڻ واري سوچ هن ملڪ جي استحڪام لاءِ ڪنهن به طرح بهتر نه هوندي.سنڌ حڪومت ڪورونا جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ هيرو ٿيڻ جي ڪوشش ته ڪري رهي آهي پر اهڙي وبا بعد سنڌ جي معيشيت ۽ زراعت کي سنڀالڻ لاءِ ڪا به رٿا بندي ڪونه ڪري سگهي آهي.هڪ طرف سنڌ جي ڪڻڪ جي خريداري نه ڪري اوپن مارڪيٽ ۾ واپارين کي ڇوٽ ڏني وئي ته جئين ڪڻڪ ٻاهر هلي وڃي يا انهي جي ذخيرا اندوزي ڪئي وڃي.ٻئي طرف لکين ٽن ڪڻڪ گدامن تان غائب ڪرائي وئي آهي، جنهن مان يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ڪجهه مهينن بعد سنڌ ۾ ڪڻڪ جي شديد کوٽ سامهون ايندي ۽ اٽي جو بحران پئدا ٿيندو.ملڪ ۾ ماڪڙ ٻيهر لهي پئي آهي جنهن تي وفاقي توڙي سنڌ سرڪار ڪو به سنجيندگي جو مظاهرو ڪون ڪري رهي آهي وفاقي سرڪار سنڌ جي نااهل ۽ ڪرپٽ سرڪار جي سزا سنڌ جي عوام کي نه ڏئي ۽ جلد ئي ماڪڙ جي ڪنٽرول لاءِ ڪو قدم کڻي.سنڌ سرڪار سنڌ جي تعليم لاءِ ڪورنا جي ڏينهن ۾ ڪا به پاليسي نه جوڙي سگهي آهي جنهن جي ڪري هڪ پوري ششماهي جو تعليمي نقصان ٿيو آهي. سنڌ سرڪار کي تعليمي ماهرن تي ڪا ڪميٽي تشڪيل ڏيڻ گهرجي جيڪا ڪورونا بعد انهي نقصان جي پورائي لاءِ ڪا تدارڪ ڪري سگهي. گڏوگڏ اها گهر ڪئي وئي ته سنڌ جي تٿليمي ادارن ۾ ڪورونا جي آءِسوليشن سينٽر قائم نه ڪيا وڃن.ڪورونا سبب سنڌ جي صنعتن مان بيروزگار ڪيل ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙ سنڌي پورهيتن جي سهائتا لاءِ قدم کنيا وڃن.اجلاس بعد اڳواڻن ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاھ جي اڳواڻي ۾ گڏيل ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ هيرو ٿيڻ جي ڪوشش پئي ڪري، ڪڻڪ گدامن مان غائب ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي، آفتن جهڙي صورت حال ۾ به سنڌ حڪومت غيربن جي آيل راشن مان به چوري ڪرڻ جو رواج وڌو آهي، وفاقي حڪومت غريبن کي ڏنل 12 هزار روپيا ڏيڻ مثبت قدم آهي، سنڌ جي اسپتالن جي حالت خراب آهي، قومپرست جماعتن جا اڳواڻ اسپتالن جي وزٽ ڪري سهولتن جو جائزو وٺندي. سنڌ حڪومت عملي طور لاڪ ڊائون نه ڪرايو آهي، 80 فيصد ڪيس ڪرونا جا وڌيا آهن.سرڪاري راشن تي سياست ڪئي وئي آهي، سرڪاري راشن تي سياسي ماڻهن جا ٺپا هڻي ورھاست پئي ڪري.ڪڻڪ جي چوري ۾ سنڌ حڪومت جا ماڻهو ملوث آهن.