سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي گورنر هائوس آڏو احتجاج ۽ ڌرڻو، وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪيو ويندو:اڳواڻ

ڪراچي :- سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي گورنر هائوس آڏو احتجاج ۽ جلسو ڪيو پيو وڃي، جسقم، ايس يو پي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ ٻيون جماعتون شريڪ، مختلف علائقن مان ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪن، ملاح توڙي هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو شريڪ ٿيڻ شروع ٿي ويا، گورنر هائوس آڏو جلسي کي قادر مگسي، جلال محمود شاهه، صنعان قريشي ۽ ٻيا خطاب ڪندا، قافلا پهچڻ شروع ٿي ويا، گورنر هائوس اڳيان احتجاج ڪيو پيو وڃي، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين چيو ته وفاقي سرڪار جي هن عمل کي قبول نٿا ڪريون، سنڌ جي عوام جو احتجاج اوستائين جاري رهندو جيستائين سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار هي فيصلو واپس نٿا وٺن، سنڌ جي وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ جو عوام پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي، لکين ماڻهو جلسي ۾ پهچي رهيا آهن، جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ جي عوام سنڌ دشمن فيصلن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.