سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڪوششن خلاف جسم جي ريلي

ڪراچي :- سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڪوششن خلاف جيئي سنڌ محاذ جِي ڪراچي ۾ سچل ڳوٺ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جيئي سنڌ محاذ جِي چيئرمين رياض چانڊيو، نواز شاهه ڀاڏائِي، پنهل ساريو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڪراچي کي ڪنهن به صورت ۾ وفاق حوالي ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ جَي ٻيٽن تي شهر اڏي ڌارين کي آباد ڪرڻ جِي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي چيو آهي ته ڪراچي کي سنڌ کان ڪير به الڳ نه ٿو ڪري سگھي، وسلين تي قبضا ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا. رياض چانڊئي جي اڳواڻي  ۾ سچل ڳوٺ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين تحفظ سنڌ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ نواز شاهه ڀاڏائي، اياز سولنگي،  ناياب سرڪش سنڌي، الاهي بخش بڪڪ، پنهل سارئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پريس ڪلب آڏو تحفظ سنڌ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪن نوري آباد حادثي تي هڪ منٽ جي خاموشي پڻ اختيار ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي چيو ته ايم ڪيو ايم وڳوڙ ڪرائڻ چاھي ٿي پر سنڌ ۾ رھندڙ اردو ڀائر کين سڃاڻي ورتو آھي، ايم ڪيو ايم پھريان به دھشتگرد تنظيم رھي آھي. سندس چوڻ هو ته خالد مقبول صديقي، عامر خان ۽ آفاق احمد دهشتگرد آهن، بندوق جي زور تي پهريان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي، هاڻي ڪراچي جي عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي. رياض چانڊئي چيو ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪير به الڳ نه ٿو ڪري سگھي، دھشتگرد تنظيمن کي عوام چڱي طرح سڃاڻي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ کي انتظامي يونٽ حوالي ڪرڻ به سنڌ امڙ تي وار سمجهن ٿا، جيئي سنڌ محاذ پر امن جدوجھد تي يقين رکي ٿي. رياض چاندئي وڌيڪ چيو ته سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪري ڌارين کي آباد ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويا آهن، ٻيٽن تي قبضو ڪري سمنڊ جي سونهن ختم ڪئي پئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ پ پ هٿ سان سامونڊي ٻيٽن سان قبضا ڪرائي رهي آهي، ڪرپشن ڪندڙ ڪرپٽ ماڻهو سنڌ جي وسيلن تي قابض آهن