سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني قبضن ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڪراچي ۾ نيشنل ٽريڊ يونين جي سڏ تي ريلي

ڪراچي :- سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني قبضن ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڪراچي ۾ نيشنل ٽريڊ يونين جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي.  ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين نڪتل ريلي ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيوته سامونڊي ٻيٽن تي قبضن سبب مهاڻا بيروزگار ٿيندا، حڪومت اڳ ئي اسٽيل ملز ملازمن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، عوام دشمن قدمن کان پاسو ڪيو وڃي