سنڌ ۾ 4 لک 50 هزار ماڻهو تبليغ تي هئا، اُنهن سڀني کي آئسوليٽ ۾ رکڻو آهي، ضلعي هيڊ ڪوارٽر هڪ آئسوليٽ مرڪز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ڪراچي :- سنڌ جي وڏي وزير ضلعي هيڊ ڪوارٽر هڪ آئسوليٽ مرڪز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ڊويزن کان علاوه سمورن ڊويزن ۽ ڊپٽي ڪمشنرز سان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ٿيو، وڏي وزير ڳالهائيندي چيو ته آئون اوهان صحت بابت معاملن تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، اوهان کي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان جيڪي هدايتون ڏنيون ويون آهن انهن تي عمل ڪيو وڃي، اسان ڪورونا وائرس جي شڪي ماڻهو جو پتو لڳائڻ جي حوالي سان ايس او پي ٺاهي هئي.هن چيو ته ٻاهران ايندڙ ماڻهو ۾ علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ٽيسٽ ڪرايو، مثبت اچڻ تي سندس ويجهن ماڻهن کي آئسوليٽ ڪريو ۽ ضروت پوڻ تي ٽيسٽ به ڪرايو، حيدرآباد ۾ تبليغي جماعت جا ماڻهو جڏهن آيا ته وڏي تعداد ۾ مثبت ڪيس سامهون آيا، سڄي سنڌ ۾ 4 لک 50 هزار ماڻهو تبليغ تي ويا هئا، اُنهن سڀني کي آئسوليٽ ۾ رکڻو آهي، اُنهن سڀني کي هڪ جاءِ تي رکو ته جيئن ڪورونا وائرس وڌيڪ نه ڦهلجي، جيڪڏهن ڪنهن جي طبيعت خراب آهي ته اُن کي اسپتال کڻي وڃو، ٽريول هسٽري سان گڏوگڏ علامتون ملن ته اُنهن جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي.وڏي وزير سنڌ جي هر ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ آئسوليٽ مرڪز ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته اوهان پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ آئسوليشن سينٽر قائم ڪيو، سنڌ ۾ ڪل 6 اسپتالن کي وينٽيليٽر ۽ ٻيو سامان ڏينداسين، آئسوليشن سينٽرز ۾ ضروري سامان حڪومت اوهان کي مُهيا ڪندي.