سنڌ جي وحدت تي وار نامنظور، قومپرست ڌرين ڪراچيءَ کي وفاق حوالي ڪرڻ واري عمل خلاف ڀرپور مزاحمت جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

ڪراچي :-  سنڌ جي مک قومپرست ۽ عوام دوست پارٽين صوبائي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ جو ڪنٽرول وفاق حوالي ڪرڻ واري امڪاني فيصلي کي مڪمل طور رد ڪندي احتجاجي تحريڪ هلائڻ ۽ ڀرپور مزاحمت جو  چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. سرموڙ قومپرست قيادت جو چوڻ آهي ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۽ سنڌي قوم خلاف سازشن جو سلسلو جاري آهي، ڪروڙين سنڌي ڪنهن به ريت سنڌ جي گاديءَ واري شهر کي وفاق جي انتظام هيٺ ڏيڻ جي اجازت نه ڏيندا. پيرائتي خبر موجب روزاني جيجل حيدرآباد پاران رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ جي ڊي اي ترجمان اياز لطيف پليجو، جسم جي سربراهه رياض چانڊيو،پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻ فيروزا لاشاري ۽ ٻين ڳالهه ٻولهه ڪري ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري خطرناڪ سازش تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو. ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ خلاف سازشون ڪا نئين ڳالهه ناهي، اهو سلسلو پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ سوڌو جاري آهي، اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي گهڻي حد تائين گهٽجي وئي آهي،جنهنڪري اهي سنڌ ڌرتيءَ جي وحدت خلاف ڪوبه موقعو هٿان وڃائڻ نه ٿا ڏين. جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ صوبي ۾ مجموعي طور اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي 18 سيڪڙو مس بچي آهي ۽ ڪراچي شهر ۾ به سندن آبادي گهٽجي 38 سيڪڙو تي بيٺي آهي، اهوئي سبب آهي جو ايم ڪيو ايم هاڻي غيرقانوني طور سازشن تي لهي آئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي بيڊ گورننس جي ڪري وفاق کي سنڌ خلاف سازشن جو موقعو ملي ويو آهي پر 5 ڪروڙ سنڌي پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم يا ڪنهن به ٻي ڌر کي سنڌ جا فيصلا ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه ڪراچي جو ڪنٽرول وفاق هيٺ ڏيڻ واري امڪاني فيصلي خلاف سمورين قومپرست جماعتن سان ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي پيپلز پارٽيءَ تي ڇتي تنقيد پڻ ڪئي. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو صرف پنهنجي پارٽيءَ جو اقتدار بچائڻ لاءِ سنڌو ديش جا نعرا هڻي رهيو آهي، جيڪڏهن کيس سنڌ جي حقن جو ايترو ئي اونو آهي ته سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪري ڏيکاري يا قومي اسيمبليءَ ۾ سنڌ دشمن فيصلن خلاف آواز اٿاري باقي ٻاهر ويهي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. قومي عوامي تحريڪ جي صدر ۽ جي ڊي اي ترجمان اياز لطيف پليجي ان معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي سنڌ جو تخت گاھ آھي، ست ڪروڙ سنڌين، انھن جي تاريخ ۽ انھن جي ايندڙ نسلن جي مرضي، خواھش ۽ اختيار کانسواءِ صوبي جي ڪنھن ھڪ به شھر يا ضلعي جي گورننس بابت ڪيل ھر سنڌ دشمن فيصلو رد ۽ باطل آھي. ڪراچي ھزارين سالن کان، مُلري ھلز، ڪروڪولا، باربريڪون ۽ ديبل بندر جي زمانن کان سنڌ جي دل، سنڌ جو دماغ، سنڌ جو روح، سنڌ جو تخت گاهه رهيو آھي، نه ڪراچي کي اسان سنڌين کان ٽوڙڻ ڏبو، نه سنڌ ورھائڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. نه ڪراچي کي وفاق جي زير انتظام ٿيڻ ڏبو ۽ نه ئي ڪراچي کي ڪنھن به روپ، دليل، فارمولا يا بھاني موجب وفاق يا مرڪز جو شھر بڻجڻ ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته ڪراچي معنيٰ سنڌ ۽ سنڌ معنيٰ ڪراچي. جنھن کي ان تاريخي حقيقت ۽ مستقل سچ تي ۽ سنڌ جي وحدت تي اعتراض آھي، اھو سنڌ ڇڏي لڏي ھليو وڃي. سنڌ ورھائڻ ۽ ڪراچي وفاق کي ڏيڻ جي سمورين سازشن، ڪيمٽين ۽ ڪوششن جي قومي عوامي تحريڪ سخت مذمت ڪندي انھن کي مڪمل رد ڪري ٿي ۽ پرڏيھي اشاري تي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ ملڪ جي غدار وفاقي وزيرن جي فوري برطرفي ۽ متعصب ڪراچي ڪميٽي جي خاتمي جو مطالبو ڪري ٿي. هن چيو ته قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ۽  اقتداري پارٽي پ پ جي سربراھ بلاول کان مطالبو ٿي ڪري ته ترت آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ملڪ ۽ سنڌ جي ورھاڱي جي سازش ڪندڙ غدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اڄ ٻئي ڄڻا پاڻ وزيرن سميت سنڌ اسيمبلي جي حد واري ٿاڻي تي وڃي ايف آءِ آر ڪٽرائن ۽ جي ايف آءِ آر فورن نه ڪٽجي سگھي ته آئين جي آرٽيڪل 199 ۽ 184 جي سب ڪلاز 3 تحت، ھنگامي بنياد تي، سنڌ سرڪار قانوني ڌُر بڻجي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ذريعي ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ دشمنن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏين. ٻئي طرف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسي پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته ھي فرغ نسيم الطاف حسين جو حلف يافته ڪارڪن آھي را موساد جي گڏيل ايجندا تحت الطاف جي اشارن تي ڪم ڪري رھيو آھي. سنڌ جا ماڻھو پنهنجي وطن لاءِ چوڪ چوڪ گهٽي گهٽي تيار رھو ۽ سنڌ ماءُ جي وحدت بچائڻ لاءِ آخري دم تائين جدوجهد جاري رکڻ جي تياري ڪريو. ھن وقت به ڪراچي جي اشو تي شق 149 (4) لاڳو ڪرڻ جو مقصد آھيو آھي ته ڪشمير جي خلاف اٿندڙ تحريڪ کي ماٿو ڪرڻ ۽ را جي ايجندا تي عمل ڪرڻ برابر آھي جيئن سنڌ جا ماڻھو روڊن رستن تي نه نڪرن ۽ ڪشمير جي تحريڪ پردي پويان ھلي وڃي.هن چيو ته عمران خان کان ڪا به عقل ۽ چڱائي جي تقاضا رکڻ بيوقوفي آھي، ان ڪري اسٽيبلشمينٽ کي خبردار ٿا ڪريون ته سنڌ جي خلاف اھڙا سياسي تماشا بند ڪرايا وڃن ۽ ملڪ جو مقدرغير ملڪي طاقتن جي ايجندا جي حوالي نه ڪيو وڃي . ان لاءِ سنڌ جا ماڻھو پنهنجي وطن لاءِ چونڪ چونڪ گهٽي گهٽي تيار رھو ۽ سنڌ ماءُ جي وحدت بچائڻ لاءِ آخري دم تائين جدوجهد جاري رکڻ جي تياري ڪريو. جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جو ان معاملي تي روزاني جيجل سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌريون گڏجي ڪراچي کي ڪنهن به ريت وفاقي انتظام هيٺ ڏيڻ واري سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينديون ۽ اهڙي عمل جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته رڳو ايم ڪيو ايم ئي نه پر پشتو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن به هر دور ۾ سنڌ جي راڄڌاني واري شهر تي قبضي جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جو اهڙو ڪوبه امڪاني فيصلو قبول نه ڪيو ويندو جنهن سان ڪراچيءَ جي اختيار ۽ مالڪيءَ تي وفاقي سرڪار جو ناجائز قبضو ٿئي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي تازي بيان کي سياسي بيان قرار ڏيندي چيو ته سنڌ جي وحدت سان امڪاني هٿ چراند واري عمل خلاف سمورين قومپرست، سنڌ دوست ۽ ساڃاهه وند ڌرين سان گڏجي حڪمت عملي جوڙينداسين ۽ هر مورچي تي ڀرپور آواز اٿارينداسين. جيئي سنڌ محاذ جي صدر رياض چانڊئي روزاني جيجل سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم آئين جي غلط تشريح ڪري رهيو آهي، ڪراچيءَ جو انتظام وفاق حوالي ڪرڻ مڪمل طور غيرقانوني ۽ غيرآئيني عمل هوندو، هي سمورو ڊرامو بلدياتي اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ لاءِ ڪيو پيو وڃي،ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ جا وارث سنڌي آهن، ڪنهن به ٻي ڌر کي فيصلو ڪرڻ جي اجازت ناهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو جو نئون نعرو اجايو آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي 18هين آئيني ترميم تحت نه سنڌ کي صوبائي خودمختياري وٺرائي ڏئي سگهي آهي ۽ نه وري مالي وسيلن ۾ جائز حصو ڏياري سگهي آهي. جسم جي صدر رياض چانڊئي جو چوڻ هو ته سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند ٿي ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو عورت ونگ سنڌ جي صدر فيروزا لاشاري ان معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته فروغ نسيم پنهنجي لنڊن ۾ ويٺل حقيقي قائد جي پوئواري ڪندي سنڌ خلاف سازشون ڪري رهيو آهي، کيس بنا دير قانون جي وفاقي وزير واري عهدي تان هٽايو وڃي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم هر دور ۾ ڪراچي اندر لساني ٽڪراءُ پيدا ڪري پنهنجي سياست کي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ هاڻي به ساڳي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن سوال ڪيو ته پشاور ميٽرو ناهي ٺهي سگهي ته ڇا پشاور شهر جو انتظام وفاق حوالي ڪيو وڃي؟ يا لاهور ۽ ملتان دنيا جي گدلن شهرن جي لسٽ ۾ جاءِ والاري چڪا آهن ته ڇا انهن ٻنهي شهرن جو ڪنٽرول به وفاق حاصل ڪري وٺندو؟. پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ فيروز لاشاري جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جو 5 ڪروڙ عوام ڌرتي ماءُ جي وحدت خلاف ڪنهن به قسم جي سازش برداشت نه ڪندو ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري امڪاني فيصلي جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي، جنهن سان سنڌ جي دشمنن کي ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندا. ياد رهي ته وزيراعظم پاران جوڙيل ڪراچي ڪميٽي 2 ڏينهن سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ کي آئين جي آرٽيل 149 تحت وفاقي ڪنٽرول هيٺ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو. فروغ نسيم جي اهڙي مطالبي بعد سنڌ جي سمورين قومپرست توڙي وفاق پرست پارٽين شديد ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.