سنڌ جي مختلف علائقن مان هڪ ڏينهن اندر 4 لاش هٿ

ڪراچي :- سنڌ جي مختلف علائقن مان هڪ ڏينهن اندر 4 لاش هٿ ڪيا ويا، جيڪب آباد ۾ هڪ ڏينهن اندر 2 لاش هٿ ڪيا ويا، سول لائين ۽ ايئرپورٽ ٿاڻي جي حدن مان 2 لاش هٿ آيا، درگاهه نور شاهه وٽ هٿ آيل لاش جي سلطان ڪوٽ واسي پيرسن الهڏنو طور سڃاڻپ ڪئي وئي، ٻئي لاش جي سڃاڻپ لاءِ ڪوششون جاري آهن، لوڻي ڪوٽ ڀرسان بلوچستان واسي پيرسن جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪوٽڙي جي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، لاش جي ڊيرا بُگٽي واسي خان محمد بگٽي طور سڃاڻپ ڪئي وئي، جڏهن ته دادو ڀرسان پپري روڊ وٽ اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ايمبولينس نه ملڻ تي لاش پوليس موبائيل ۾ رکي اسپتال منتقل ڪيو ويو.