سنڌ جي مختلف شهرن ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرا، بک هڙتالون

ڪراچي/حيدرآباد/سکر:-  سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ سندن وارثن ۽ پارٽي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري بک هڙتالون ڪيون ويون. سنڌ ترقي پسند پارٽي حيدرآباد ضلعي جي صدر سچل گوپانگ کي مبينا طور کنڀي گم ڪرڻ خلاف پارٽي اڳواڻڻ پاران ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي رياض لاکو، بابو شيدي، جبار راهو، لقمان ايري ۽ ٻين چيو ته اربعا ڏهاڙي شام 7 وڳي ڌاري هالا ناڪا وٽان اڇي رنگ جي هڪ ڪرولا گاڏي ۽ ٻه پوليس موبائيلن سان نقاب پوش اهلڪار سچل گوپانگ کي مهراڻ ڪار سميت کنڀي کڻا ويا. هنن چيو ته ايس ٽي پي پاران 22 آگسٽ تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ کانپوءِ ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي. لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن انصاف دايو، غلام مرتضيٰ سولنگي، ڪاشف علي ٽڳڙ ۽ غلام عمر مغيري جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن پاران ڪالهه به نوجوانن جي تصويرن وارا بئنر هٿن ۾ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي انصاف دايو جي ڀينرن اقصيٰ دايو، افسانه دايو، نصرت دايو، غلام مرتضيٰ سولنگي جي پيرسن پيءُ عبداللطيف سولنگي، ڪاشف علي ٽڳڙ جي پيءُ عبدالڪريم ٽڳڙ ۽ غلام عمر مغيري جي ڀاءُ نظر محمد مغيري ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي ۽ سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. جيڪڏهن اسان جي پيارن مٿان ڪيس داخل آهن ته کين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جيڪڏهن هو بيگناهه آهن ته کين آزاد ڪري اذيت واري زندگي مان نجات ڏياري وڃي. هوڏانهن پڊعيدن ۾ ڪراچي جي سچل ڳوٺ واري علائقي مان چار ڏينهن اڳ ٻن ڀائرن غلام رسول شر ۽ بشير شر کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن ۽ جسقم اڳواڻن جو سٽي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي مظاهرو ڪندڙن چيو ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو