سنڌ جي مختلف شهرن ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي

ڪراچي  : محرم الحرام جي چُپ تعزين جي سلسلي ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي. سڀاڻي سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر هنڌن تي چپ تعزيا ڪڍيا ويندا، جنهن دوران ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. چپ تعزين جي جلوسن ۽ امام بارگاهن سميت حساس هنڌن تي سڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا آهن. سنڌ جي گهرو کاتي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي ۾ اڄ رات 12 هين کان سڀاڻي رات 12 هين تائين پابندي هوندي.