سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز وسڪارو:حيسڪو جا 96 فيڊرز بند

Pic17-048 KARACHI: Jul17 – Motorists are on their way during the heavy rainy weather while rainy water accumulated at Guro Mandar Avenue in provincial capital. ONLINE PHOTO by Syed Asif Ali

حيدرآباد :  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني هوا بعد ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪاري بعد موسم خوشگوار ٿي وئي. حيدرآباد، سانگهڙ، مٽياري،عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ڄامشورو، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ضلعن وسڪاري بعد حيسڪو جا 96 فيڊرز بند ڪيا ويا. حيسڪو ترجمان موجب سانگهڙ، شهدادپور، ٽنڊو آدم، سعيد آباد، شاهپور چاڪر، ڪنڊياري، کپرو، عمرڪوٽ، سامارو، ڊگهڙي، نئون ڪوٽ، مٺي، ميرپورخاص، چمبڙ، لاڏيون، ڇاڇرو، سيوهڻ، ميرواهه ۽ ڪنري سميت ريجن جي ٻين علائقن ۾ حفاظت جي بنياد تي فيڊرز بند ڪيا ويا آهن. ترجمان موجب برسات بند ٿيندي ڄاڻايل علائقن ۾ موجود ٽيمن پاران ڪليئرنس ملڻ بعد فوري طور تي بجلي بحال ڪئي ويندي.