سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احساس ڪفالت پروگرام تحت ملندڙ 12 هزار وظيفو وٺڻ لاءِ سينٽرز اڳيان عورتن ۽ مردن جي پيهه لڳي وئي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احساس ڪفالت پروگرام تحت ملندڙ 12 هزار وظيفو وٺڻ لاءِ سينٽرز اڳيان عورتن ۽ مردن جي پيهه لڳي وئي، مختلف شهرن ۾ انتظاميه 144 قلم تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، دادو ۾ مبينا طور من پسند ماڻهن کي رقم ڏيڻ تي مستحق عورتن جي احتجاج دوران پوليس لٺبازي ڪئي، رينجرز اهلڪارن پاران لٺبازي تي اعتراض وارڻ بعد ڊي سي دادو پهچي عارضي طور سينٽر بند ڪرائي ڇڏيو. کپرو ۾ احساس ڪفايت پروگرام تحت ڊگري ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول ۾ سينٽرز کوليا ويا جتي مستحق عورتن کي رقم ڏني پئي وڃي. لاڙڪاڻي ۾ احساس پروگرام ذريعي رقم ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي، شھر ۽ تعلقي اندر رقم جاري ڪرڻ لاءِ 11 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي جي لاهوري ٽاور اڳيان قائم بئنڪ ٻاهران ماڻهن جو وڏو هجوم ڏسي بئنڪ مئنيجر اي ٽي ايم مشين بند ڪرائي ڇڏي. ٺري ميرواھ ويجهو ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ قائم سينٽر تي انتظاميه جي نگراني ۾ ٺڳن جو ٽولو سرگرم ٿي ويو. مستحق عورتن کان فنگر هڻائي پنج پنج هزار ڏيندا رهيا، صحافين جي پهچڻ جو ٻڌي ٺڳي ٽولو فرار ٿي ويو. متاثر عورتن صاحبزادي، نازيه شر ۽ ٻين چيو ته ايجنٽ ظھير احمد فنگر هڻائي 5، 5 هزار ڏنا ۽ چيو ته پئسا ٿورا آھن ڪيش اچي ته توهان کي ڏيون ٿا. هنن چيو ته انتظاميه فراڊي عملو ويهاري ڇڏيو آهي، سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. راڻيپور ۽ گڏيجي ۾ احساس پروگرام جا سينٽرز قائم ڪيا ويا جتي عورتن کي 12 هزار روپيا وظيفو ڏنو پيو وڃي. سينٽرز صبع 10 وڳي کان شام 5 وڳي تائين کليل رهندو، مختيارڪار سوڀو ديرو بابر بلو ۽ ٻين عملدارن سينٽرز جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. نئون ڪوٽ ۾ رقم ورهائڻ لاءِ قائم ٻن سينٽرز مان هڪ کليل هجڻ ڪري عورتن جي رش لڳي وئي. مختيارڪار جهڏو جو چوڻ آهي ته ٽن بينڪ عملدارن تي ڪٽوتي جا ڪيس داخل ٿيل آهن جنهن ڪري هو نه اچي سگهيا. پير جو ڳوٺ ۾ احساس پروگرام تحت پئسا وٺڻ لاءِ آيل عورتون ۽ مرد گڏ ٿي ويا، پوليس توڙي انتظاميه ڪورونا وائرس جي خدشي باوجود سماجي فاصلا رکڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. داد لغاري ۾ سينٽرز اڳيان 4 فٽ جا دائرا ٺاهيا ويا، جن ۾ عورتن توڙي مردن کي ان دائري ۾ رهڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز ۽ پوليس اهلڪار سينٽرز اڳيان الرٽ بيٺل آهن. جاتي ۾ احساس ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا سينٽرز بند ٿيڻ خلاف مستحق عورتن پاران احتجاج ڪيو ويو آهي.