سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گُم ڪيل قومپرست ڪارڪنن جي وارثن جو گڏيل احتجاج: پيارن جي جلد بازيابي جو مطالبو . لاڙڪاڻو پريس ڪلب آڏو مظاهرو ۽ علامتي بُک هڙتال

لاڙڪاڻو : سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گُم ٿيلن جي وارثن احتجاج ڪندي پنهنجي پيارن جي جلد بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي جي وارثن طرفان لاڙڪاڻو پريس ڪلب آڏو مظاهرو ۽ علامتي بُک هڙتال ڪئي وئي. اُن موقعي تي ڪاشف ٽڳڙ، بابل کوسو، انصاف دايو، شاهد جوڻيجو، مسعود شاھ، حيدر کوسو، فقير اعجاز ڳاهو، مرتضيٰ جوڻيجو، ايوب ڪانڌڙو، موهن ميگهواڙ، الله وڌايو مهر، مهراڻ ميراڻي، غلام شبير ڪلهوڙو، سهيل رضا ڀٽي، ڊاڪٽر فتح محمد کوسو، گلشير ٽڳڙ، بلاول چانڊيو، فتاح چنو، غلام مرتضيٰ سولنگي، نياز لاشاري، پٺاڻ زهراڻي، محمد رفيق عمراڻي ۽ ٻين کنڀي گُم ڪيلن جي وارثن نعريبازي ڪئي. مظاهرين دانهيو ته ڊگهي عرصي کان سندن پيارن کي کنڀي گُم ڪيو ويو آهي، هيل تائين نه کين ظاهر ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي وري هٿ ڪرڻ لاءِ پوليس سوڌو ٻيا ادارا سهڪار ڪري رهيا آهن. مظاهرين سنڌسرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته کنڀي گُم ڪيل ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪيو وڃي، يا جيڪڏهن سندن خلاف ڪيس آهن ته منظرعام تي آندو وڃي.