سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ڌرڻو

لاڙڪاڻو :- لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن پاران تصويرون، پلي ڪارڊ ۽ بئنر هٿن ۾ کڻي شهر جي لاهوري محلا کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناع باغ چوڪ وٽ پهتي جتي نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو بعد ۾ احتجاجي ريلي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي پڻ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ کنڀي گم ڪيلن جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل نوجوان عاقب چانڊيو جي ڀيڻ شازيه چانڊيو، کنڀي گم ڪيل پرائمري استاد ڪاشف ٽڳڙ جي ڀاءُ آڪاش ٽڳڙ، کنڀي گم ڪيل عبدالستار هڪڙو ۽ عبدالحفيظ هڪڙو جي ڀاءُ عبدالجبار هڪڙو، کنڀي گم ڪيل غلام مرتضيٰ سولنگي جي پيءُ عبداللطيف سولنگي، کنڀي گم ڪيل نياز لاشاري جي ڀاءُ عزيز احمد لاشاري ۽ ٻين چيو ته سالن کان وٺي اسان جي پيارين کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جن جي آزاديءَ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن پر هن وقت تائين سندن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هنن چيو ته 30 مئي 2018ع تي شهر جي مدينه ڪالوني مان مئٽرڪ جي شاگرد عاقب چانڊيو کي کنڀي گم ڪيو ويو جيڪو چئن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ آهي جنهن جي شادي 17 جون تي ٿيڻي هئي پر ان کان اڳ اسان جي خوشيون ماتم ۾ تبديل ڪيون ويون، 3 آگسٽ 2018ع تي شهر جي ايوب ڪالوني مان پرائمري استاد ڪاشف ٽڳڙ کي کنڀي گم ڪيو ويو جنهن جو معصوم نياڻيون، گهر واري ۽ ٻيا گهر ڀاتي هن وقت سندس جون راهون نهاري بيحال ٿي ويا آهن، 29 مئي 2019ع جي رات جو قمبر شهر جي علي خان پاڙي مان عبدالستار هڪڙو ۽ عبدالحفيظ هڪڙو کي کنڀي گم ڪيو ويو، 22 نومبر 2017ع تي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد مان اسٽيٽ لائيف جي ملازم نوجوان غلام مرتضيٰ سولنگي کي کنڀي گم ڪيو ويو جنهن جو پيرسن پيءُ ۽ ٻيا گهر ڀاتي سخت پريشان آهن، 10 جنوري تي حيدرآباد مان دهشتگردي جي انت واري عدالت مان حاضري بعد لاڙڪاڻي ايندڙ نوجوان نياز لاشاري کي کنڀي گم ڪيو ويو جنهن کي اڄ ڏينهن تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته اسان جي پيارن جو ڪنهن به سياسي يا ملڪ دشمن عناصرن سان ڪو به واسطو ناهي، اسين سڀ پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ رهائش پذير آهيون پر پوءِ به اسان سان فلسطينين ۽ ڪشميرين وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جي پيارن مٿان ڪو ڪيس داخل آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي جيڪڏهن اهي بيگناهه آهن ته کين آزاد ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسان جي پيارن جي کنڀجڻ بعد اسان جي گهرن جا سمورا فرد بک، بدحالي ۽ سخت پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن، مسلسل احتجاج جي باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو به ناهي. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سالن کان کنڀي گم ڪيل اسان جي پيارن کي ظاهر ڪري گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.