سنڌ جي قومپرستن، سول سوسائٽي ۽ مهاڻن پاران ٻيٽن تي شهر اڏڻ خلاف مزاحمت جو اعلان، احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو

 سنڌ جي قومپرستن ڌرين، سول سوسائٽي ۽ مهاڻن ٻيٽن تي شهر اڏڻ خلاف مزاحمت جو اعلان ڪندي احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته مستقبل بابت حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، اجلاس جي صدارت ڪرڻ بعد ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه، محمد علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي خوشحالي لاءِ ناهي، اِن سان تاريخ تباهه ٿي ويندي ۽ مهاڻا بيروزگار ٿي ويندا، سنڌ سرڪار ميدان تي اچي ته هو سندس ڀرپور ساٿ ڏيندا، هوڏانهن سنڌ جي قومپرست، ترقي پسند ڌرين، دانشورن، قانوندانن ۽ مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن وفاق پاران پاڪستان آئرلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام کي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضي جي سازش قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته آئيني طور ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن ان ڪري وفاق ٻيٽن تي قبضي جي سازش ترڪ ڪري ٻي صورت ۾ احتجاج سان گڏ عدالتن جا دروازا به کڙڪايا ويندا. وفاقي سرڪار جو اهڙو فيصلو غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، موجوده وفاقي سرڪار جو قومي وحدت ڏانهن رويو انتهائي خطرناڪ آهي، پيپلزپارٽي موقعي پرستي ڇڏي سنڌ جي ٻيٽن جي تحفظ لاءِ اڳتي اچي، پيپلزپارٽي ذاتي مفادن جي لاءِ سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪئي ته ڏوهاري ليکبا. ان سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته موجوده وفاقي سرڪار ڪالاباغ ڊيم وانگر سنڌ جي ساحلي پٽي جي ٻيٽن تي شهر اڏي اربين روپيا ڪمائڻ جو شوق ڪري رهي آهي، اهو ساڳيو شوق جنرل پرويز مشرف ڪيو ته وري ان کي نئين شڪل ڏئي ذوالفقار آباد جي نالي سان آصف زرداري به اڳتي آيو، عمران خان به نئين نالي سان اهو ئي سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي، پر تاريخي حقيقتن، سنڌ جي وحدت ۽ سنڌ جي ماڻهن جي موقف جي ابتڙ جيڪو به فيصلو ٿيو آهي ان کي سنڌ جي ماڻهن برداشت نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هو سنڌ جي مالي اثاثن ۽ ملڪيتن جي حفاظت ڪري، جيڪڏهن ان ۾ غفلت ۽ موقعي پرستي اختيار ڪندا ته سنڌ جي ماڻهن آڏو ڏوهي ثابت ٿيندا، پر لڳي رهيو آهي ته پيپلزپارٽي وري به پنهنجي اقتدار کي بچائڻ ۽ ڪيسن مان جان ڇڏائڻ جي لاءِ موقعي پرستي ڪندي، ان ڪري عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ون يونٽ جهڙو ماحول ٺاهي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، سنڌ جا ٻيٽ نيلام ڪري وفاق سنڌ سان وڏي ناانصافي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بدنيتي ڪري لڪ ڇپ ۾ مهينو اڳ سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي قبضي جي لاءِ ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن بابت اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان آرڊيننس جاري ڪيو آهي، جنهن مان بدنيتي صاف ظاهر ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان وفاق جي اهڙي غير آئيني ۽ غير جمهوري فيصلي خلاف احتجاج ڪنداسين ۽ عدالتن ۾ به وينداسين. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته وفاق پاران سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ جي لاءِ اٿارٽي قائم ڪرڻ بابت آرڊيننس آڻڻ کي سنڌ جي ملڪيتن ۽ زمين تي قبضو سمجهون ٿا، پيپلزپارٽي وفاق جي اهڙي قبضي بابت جيڪا خاموشي اختيار ڪئي آهي ان مان ثابت ٿي رهيو آهي ته پيپلزپارٽي پنهنجا ڏوهه لڪائڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته وفاقي حڪومت هاڻ وفاقي حڪومت نه رهي آهي، هي مرڪزي حڪومت آهي، هي رياست سامراجي قوت طور صوبن سان ڊيل پئي ڪري، پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جو قومي وحدت لاءِ رويو خطرناڪ آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته صوبن جي حدن ۾ موجود ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ صوبن جي حقن تي ڌاڙو آهي، ترقي پسند ۽ محب وطن قوتون گڏجي اهڙي قبضي واري سازش خلاف جدوجهد ڪنديون ۽ وفاقي جي اهڙي فيصلي تي عمل ٿيڻ نه ڏينداسين. جيئي سنڌ قومي محاذ(آريسر) جي سينيئر وائيس چيئرمين امير آزاد پنهور چيو ته مشرف جي دور کان وٺي سنڌ جي سامونڊي پٽي تي وفاق پاران سڌي قبضي جي ڪوشش ٿيندي پئي آهي، موجوده وفاقي سرڪار جو ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ تي قبضي جي لاءِ آرڊيننس ذريعي اٿارٽي قائم ڪرڻ به ان قبضي واري پاليسي جو تسلسل آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ سنڌ جي زمينن ۽ ملڪيتن تي وفاق سميت ڪنهن به ڌر جو قبضو غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، پر موجوده سرڪار جو آرڊيننس به غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جي موقف کي قبول ڪندي پيپلزپارٽي کي وفاق جي اهڙي فيصلي کي رد ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي ٻيٽن ۽ زمينن تي قبضو قبول ناهي. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهي چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، اهڙو فيصلو سنڌ جي ماڻهن جي امنگن جي خلاف به آهي، پيپلزپارٽي ڀلي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪري پر سنڌ جا ماڻهو ٻيٽن تي قبضو ٿيڻ نه ڏيندا. نامياري قانوندان ۽ دانشور يوسف لغاري چيو ته وفاق ٻيٽن جي ترقي لاءِ اٿارٽي ٺاهڻ جو مجاز ئي نه آهي، ڇاڪاڻ ته ٻيٽ خالص صوبي جي ملڪيت آهن. هن چيو ته پاڪستان جي نقشي ۾ به ڪٿي ٻيٽ وفاق جي ملڪيت طور نه ڏيکاريل آهن. وفاق جو اهو عمل آئين ۽ قانون جي خلاف آهي، وفاق جي اهڙي عمل خلاف سنڌ جي قانوندانن کي گڏجي عدالت جو دروازو کڙڪائڻ گهرجي. حالانڪي انصاف جي اميد گهٽ آهي پر پوءِ به احتجاج سان گڏ قانوني رستو به اختيار ڪرڻ گهرجي. نامياري قانوندان شبير شر چيو ته سنڌ حڪومت معاهدو ڪري سنڌ جا ٻيٽ وفاق کي کپائي ڇڏيا آهن، نه رڳو ٻيٽ پر پورو ڪوسٽل ايريا به وفاق جي حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيٽن ۽ ڪوسٽل ايريا تي حق صرف صوبي جي ماڻهن جو آهي. هن چيو ته اهي ٻيٽ هڪ سازش تحت کپائي صوبي جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو پيو وڃي ته جيئن ٻيٽ کپائيندڙ ماڻهو پاڻ مالدار ٿي سگهن. هن چيو ته ڪنهن به هنڌ وفاق کي جيڪڏهن زمين گهربل هجي ته هو ڪنهن منصوبي تحت زمين حاصل ڪري سگهي ٿو پر ٻيٽن لاءِ اٿارٽي ٺاهي ان تي ڪم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته دنيا ۾ اهو ڪٿي به نه آهي ته وفاق صوبن جي ملڪيت تي قبضو ڪندو هجي. نامياري دانشور اعجاز قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ايسٽ انڊيا ڪمپني طور ڪم ڪري سنڌ جي وسيلن کي ڳڙڪائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين اڳ ئي مختلف ايجنسين جي حوالي ڪيل آهي، هاڻي ٻيٽن کي به ايسٽ انڊيا ڪمپني طور ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٻيٽن جي ترقي لاءِ ٺهيل اٿارٽي غيرقانوني ۽ سنڌ جي آزادي توڙي خودمختياري تي حملو آهي جنهن خلاف سنڌ جي ماڻهن کي اٿي کڙو ٿيڻ گهرجي. عوامي پورهيت تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر غلام نبي کوسو چيو ته پاڪستان جي سرڪار ون يونٽ جي طرز تي حڪومت ڪري رهي آهي ۽ ون يونٽ واري حڪمت عملي تحت سنڌ جا وسيلا ۽ اختيار ڦٻايا پيا وڃن. هن چيو ته وفاق ٻيٽن کانپوءِ سنڌ جي پاڻي، گئس ۽ تيل سميت ٻين وسيلن تي به قابض ٿيندو. اهڙي عمل خلاف سنڌ جي باشعور ماڻهن کي پرامن جدوجهد هلائڻ گهرجي