سنڌ جي قومي تحريڪ سان عجيب تماشو آهي : ڊاڪٽر قادر مگسي

٦ جون جي بحريا ٽائون اڳيان ڌرڻي ۾ جيڪا دهشتگردي رياستي ڇاڙتن ء غير ملڪي ايجنٽن سر انجام ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڌرڻي ۾ موجود لکين ماڻهن معصوم ٻار عورتون ءبزرگن جي زندگي داء تي لڳائي بحريه جي قبضيگيري ء زرداري جي وطن فروشي خلاف هلندڙهلندڙ عوامي هلچل کي ڪمزور ڪري عوام ۾ مايوسي رياض ملڪ کي تحفظ ڏيارڻ لاء سرڪار سان ٻٽ ٿي اسانجي صفن ۾ موجود بگهڙن جيڪا غداري ڪئي اسنجي دانشور صاحبن کي ان حملي آوري سنجيده تجزيو ڪري زميني حقيقتن ء معروضي حالتن جي روشني ۾ جائزو وٺي بگهڙ صفت ايجنٽن کان عوام کي آگاهي ڏيئي ايندڙ وقت لاء نئين صفبندي لاء تجويزون مشورا ڏيئي نئين حڪت عملي سان رياض ملڪ ء زرداري ٽولي خلاف جرئتن سان پيشقدمي ڪرڻ وارو ڪردار اداڪرڻ کپي يا ايڪشن ڪميٽي ڪوڙا جواز ء بهانا ٺاهي لشڪرڪشي ڪرڻ کپي؟
اهو سنجيده سوال آهي جنهن تي اهل ء اهل دانش کي ويچارڻ گهرجيڌرڻي جي اعلان کان وٺي فرعي قسم جا سوال اٿاريا ويا
١ايڪشن ڪميٽي جي قيادت ۾ عورتون بلڪل ناهن ڇو؟مردن جي اجاره داري جا فيصلا قبول ناهن
٢سڀ اڳواڻ رياض ملڪ تي دٻاء وجهي پهنجا پلاٽ پڪا ڪرڻ لاء غريب ڪارڪنن کي استعمال ڪندا
٣ قومپرست انهن جا اتحادي آهن جن امرجليل ء عرفانه ملاح خلاف مهم هلائي
٤پ پ سنڌ جي عوامي جمهوري پارٽي آهي انکي ڪمزور ڪرڻ ء گورنر راڄ لڳرائڻ لاء وفاقي حڪومت ء اسٽبلشمينٽ جي ونگار پيا وهن
مٿين سمورن سوالن جا جواب ٦ جون جي ڌرڻي بلند بانگ ڏيئي ڇڏيا ڇا اسانجا نقاد ڌرڻي کانپوء آيل نتيجن جي روشني ۾ پهنجي راء کي نئين سر ترتيب ڏيندا يا زمين جنبد گل محمد نه جنبد؛ جي چوڻي وانگر لالي ڪي زبان ايڪ هي رهندي
نتيجا
لکين ماڻهن جي موجودگي شرڪت بلا تفريق رنگ مذهب جنس نسل ٻولي ء سياسي وابستگي جي انتهائي شاندار ء قومي ٻڌي جو مظهر اهو ڌرڻو هو جنهن ۾ نه رڳو سياسي جاعتون پهنجي ڪٽنبن سان گڏ شريڪ هئا پر عام شاعر اديب صحافي ء عام شهري پهنجي معصوم ٻارن ء عورتن سان شريڪ ٿيا مطالبو گورنر راڄ نه پر زرداري ٽولي ء پ پ سرڪار جي وطن فروشي خلاف للڪار ء سنڌمادر وطن حق حاميت سنڌين قائم رکڻ جا احساس ،پهنجي وطن ۾ اقليت بنجي بي وطن بنجڻ جي سازش کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو جوش هو
ڇا اها پيش قدمي ڪنهن جي ونگار هئي ڪازاتي پلاٽ ء فائل وٺڻ جي ڪوشش هئي؟ ضرور ويچارجو
ٻيا اسانجا اڌ پڙهيل نام نهاد قومي دانشور مفرضن تي مبني تجزيا پيش ڪري رهيا آهن ڳل تي سنڌ لاء ڪڏهن چماٽ پٺي تي ڪوڙهو جواني ۾ جيل جي بند وارڊ ۾ ڪي چند ميهينا ڪو ڀاء پٽ جو لاش کڻي دفنائڻ جو مثال اهڙي ڪنهن به ڪم سان پهنجو ڇا وڃي سرڪاري نوڪريون ڪري حڪومت پاڪستان جون پگهارون کائي هاڻ پينشن جا مزا ماڻڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته ٽارچر سيل ۾ ٿيندڙ تشدد ۾ جڏهن جسم مان رت ڦوهارا ڪري در ديارن ڳاڙهو ڪندي جلادن جي منهن تي رت جا لڳندڙ ڇنڊا وحشين کي بگهڙ بنائي وجهندا آهن ءڌڪ هڻي ساڻا ٿيندا آهن ته مائرن ڀينرن ء ونين کي آڻي ڪارڪنن کي بي ستو بنجڻ جو درد ڇا آهي؟
ذهن نشين ڪريو ته ٦ جون جو ميڙاڪو ايڪشن ڪميٽي جي اعلان جي نتيجي ۾ ٿيو هو نه ڪنهن پراڪسي ايجنٽ نه ئي ڪنهن مقامي ديسي دلال جي سڏ تي اهو سنڌي ماڻهن جي شعور ء حبالوطني جو اهڃاڻ به هو ته ايڪشن ڪميٽي تي اعتبار ء اعتماد به
ڪامياب قومي اجتماع کي غليظ ء خسيس مفادن لاء استعمال ڪيو ويو ايڪشن ڪميٽي خلاف مسلسل منفي پروپيگنڊا ڪندا اچن پيا
١ اڳواڻ ڊڄي ڀڄي ويا
٢ صنعان خان جي پرگهور نٿا ڪن
٣اڳتي لاء ڪو منظم پلان ناهي وغيره وغيره
هاڻ نتيجا ڏسون
قومي ميڙ ۾ دهشگردي جو عمل ڪرڻ غداري آهي ڪنهن ڪيو ڪير استعمال ٿيو اهل دانش نتيجه اخذ ڪريو
صنعان قريشي کي سياسي طرح جيترو فائدو گزريل ٥ ڏينهن ۾ ٿيو آهي انلاء اڳواڻن جا مٿا اڇا ٿي ويندا آهن ايڪشن ڪميٽي جي قيادت سنڌ جا وڪيل سنڌي سماج صنعان سان گڏ بيٺوآهي باقي خبر ناهي ڪهڙي مدد نه ٿي آهي شايد همراهن جو خيال آهي ته جلال شاه وزير اعلي کي فون ڪري صنعان کي آزاد ڪرائي جيڪو ناممڪن آهي ڇو ته سموري ايڪشن ڪميٽي جي قيادت ساڳين ڪيسن ۾ ملوث ڪئي وئي آهي اڄ نه سڀاڻي جيل ڀيڙا ٿي وڃي جيل وسائيندا
ڊيگه کان بچندي مان پڇڻ چاهيانٿو ته جدوجهد پارٽي جي طئه شده پاليسي تهت هلندي يا ٦ ڪروڙ انسانن جي زاتي داخلي خواهشن تحت
ڌرڻي جو فيصلو ايڪشن ڪميٽي ڪيو اڳتي جدوجهد به عوام جي سهڪار سان ايڪشن ڪميٽي جاري رکندي
مان دانشور صاحبان کي هندستان جي تحريڪ آزادي واقعو ياد ڏيارڻ گهرانٿو
١٩٢٢ ۾ انگرين خلاف جڏهن عدم سهڪار جي تحريڪ عروج تي هئي ڪجه ماڻن اتر پرديش ۾ چورا چوري ٿاڻي کي باه ڏني ٢٠ سپاهي سڙي مري وي جوابي فائرنگ ۾ ٤ شهري به مري ويا گانڌي عروج تي هلندڙ تحريڪ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو واضح موقف رکيو ته ڪانگريسعدم تشدد ذريعي جدوجهد ڪندي تشدد ء وڳوڙي ڪاروئي اساجي سياست جو حصو ناهي
ان دور گهڻن گانڌي کي بزدل انگريزن جو ايجنٽ ء غدار قرار ڏنو تاريخ فيصلو ڏنو ته گانڌي درست آهي
مهربانو فتوا ڀلي جاري ڪري سياسي علم جو ادراڪ رکو پڙهي پوء ڪڙهو ڪڙهي سنڌ جي نجات لاء اندر جي غيرت سان راء ڏيو
انشاء الله سنڌ پهنجي ماڳ تي ضرور رسندي