سنڌ جي عورتن ڪڏهن به سک نه سنڀريو: ڪارنهن الزام هيٺ قتل ۾ واڌ: خودڪشيون موت جو ٻيو وڏو سبب عورت تعليم ۾ تمام گهڻو پوئتي

سکر : سنڌ ۽ پوري دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پر سنڌ جي عورت جي حالت انتهائي خراب آهي، سال جي شروعاتي ٻن مهينن دوران عورتن جي ڪارنهن الزام قتل ۽ خودڪشيءَ واقعن رڪارڊ واڌ ٿيو آهي. 41 عورتن جون حياتيون کسجي ويون، ڪاروڪاري ۾ 21 عورتن کي قتل 16 عورتن خودڪشيون ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. جڏهن ته ويم جون سهولتون نه هجڻ ڪري 8 عورتن اسپتال ٻاهران ٻارن کي جنم ڏنو جن مان 4 عورتون زندگيءَ جي جنگ هارائي ويون. سنڌ ۾ قتل ڪرڻ کان علاوه سڱ چٽي ۾ پوڙهن سان پرڻائڻ جو سلسلو به جاري آهي. ڪارنهن جا سڀ کان وڌيڪ 5-5 واقعا جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ جڏهن ته عورتن جي خودڪشين جا سڀ کان وڌيڪ واقعا ٿرپارڪر ۾ رپورٽ ٿيا. ڪارنهن تحت قتل ڪيل عورتن ۾ شريمتي جمنا(ڪوٽ غلام محمد) فوزيا خاتون (شاهپور چاڪر) ساجده چاچڙ، رخسانه شيخ (گهوٽڪي)ريشما بي بي، درناز بروهي (ڳڙهي خيرو ضلعو جيڪب آباد)نظيران لوهر، ناري ”ن“ خاتون (سکر) انيلا خاتون گولو، شاهينا جکراڻي (بخشاپور) ريشما جعفري، جوائي گولو (تنگواڻي) خيربي بي (اوستامحمد)نظيران مڱڻهار (صالح پٽ) مسمات لهڙي (ڪريم بخش کوسو) ثمينا خاتون (شڪارپور) مائي ساماڻي، سبحان خاتون، اشرف خاتون، ليلان بڊاڻي جتوئي (خانپور) ۽شبانا ڪنڊراڻي (ڳڙهي حسن) شامل آهن. هلندڙ سال جي شروعاتي ٻن مهين جي مختصر عرصي دوران 16 عورتن خودڪشي ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. جن ۾ بلڙي شاهه ڪريم واسڻ شانتي ڪولهي، جيڪب آباد جي شمع بليدي، ڀرياسٽي واسڻ مهناز ماڇي، سانگهڙ جي نيلم مري، کوسڪي جي سريتا پانجو، چمبڙ جي ڪيشي ڪولهي، گمبٽ جي شمائلا، چيلهار واسڻ شريعت خاتون، پني عاقل جي عائشه خاتون، مٺيءَ جي شرمتي مينگهواڙ، ننگرپارڪر جي ناووءَ بيبي، ڪراچي جي شگفته، ٺل واسڻ شڪران پٺاڻ، دادو واسڻ فرزانا جمالي، مورو واسڻ صاحبه ڏاهري، ڪڙيو گهنور جي 14 سالا ظهوران شامل آهن.