سنڌ جي سونهن ڪارونجهر جبل جي گرينائيٽ پٿر چوري ٿيڻ لڳو،ڌرتي ڌڻين جو احتجاج

مٺي :- سنڌ جي سونهن ڪارونجهر جبل کي ڪوري ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري قيمتي گرينائيٽ جو پٿر چوري ڪرڻ کڻڻ خلاف ڪارونجهر جا ڌڻي مالڪي لاءِ روڊن تي اچي ويا، اُنهي سلسلي ۾ ننگرپارڪر ۾ رهواسين طرفان ڪارونجھر جبل مان گرينائٽ پٿر چوري ڪري کڻڻ خلاف سماجي اڳواڻ الھرکيو کوسو،لالا قمبر،ڀيرولال،رميش پارڪري،مگھنو ڪولھي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو،احتجاج ۾ شريڪ اڳواڻن ڪارونجھر جبل سميت ٻين جبلن مان ڳري مشينن ذريعي ڪٽي پٿر ڪڍڻ بند ڪريو،گوگرال کي زھريلي ڪميڪل ذريعي ٽڪ ڏئي ان کي تباھ ڪرڻ بند ڪيو،چائينا ڪلي جون فيڪٽريون شھر کان ٻاھر منتقل ڪريو جا نعرا هنيا، ننگرپارڪر شھر جي سماجي ڌرين،سول سوسائٽي جي ماڻھن،شھرين ۽ ڳوٺاڻن ھڪ آواز ٿي ڪاسبو روڊ کان شھر جي مسڪين جھان خان کوسو چوڪ تائين مارچ ڪري ريلي ڪڍي تاريخي ڌرڻو هنيو،ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي بند ڪرڻ جانعرا هنيا،ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن چيو ته ڪارونجھر جبل توڙي ان جي مشابھت رکندڙ جبلن مان سگھاريون ڌريون ڳرين مشينن ذريعي پٿر ڪڍي گاڏين ذريعي کڻي وڪرو ڪري رھيون آھن،ڊيمن ۾ ڪارونجھر جو پٿر ڪڍي استعمال ڪيو پيو وڃي،ڪارونجھر جي سونھن قيمتي وڻ ڳوڳرال کي به زھريلي ڪيميڪل ذريعي ٽڪ ڏئي تباھ ڪيو پيو وڃي،ڪارونجھر کي ھٿن سان تباھ ڪرڻ بند ڪيو وڃي،شھر ڀرسان واٽر سپلائي جي کوھن ڀرسان قائم چائنا ڪلي جي فيڪٽرين مان نڪرندڙ زھريلو پاڻي زير زمين وڃي ننگر شھر جي کوھن جي پاڻي کي خراب ڪري رھيو آھي،شھري پاڻي واپرائڻ جي ڪري پيٽ جي خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن،انتظاميه خبر ھوندي به خاموش تماشائي بڻيل آھي،اسانجو مطالبو آھي ته ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي،گوگرال جي وڻ کي زھريلي ڪيميڪل ذريعي ٽڪڻ بند ڪيو وڃي،چائينا ڪلي جي فيڪٽرين کي شھر کان ٻاھر منتقل ڪيو وڃي،اسانجا مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جي دائري کي وڌائيندي تنگ کان پوءِ جنگ وارو فارمولو استعمال ڪري روڍن تي اچي ڌرڻا ھڻنداسين،هنن چيو ته ڪارونجهر جبل هزارين سالن جو پراڻو ثقافتي ورثو آهي،اسان جي وڏڙن ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ قربانيون ڏنيون هيون،اُنهن قربانين عيوض اڄ اسين فخر سان چوندا آهيون ته اسان روپلي ڪولهي جا وارث آهيون،پر افسوس ٿئي ٿو جو جنهن ڌرتي کي اسان انگريزن سان جنگ وڙهي بچايو آهي،اڄ اُنهي ڌرتي جي سيني ۽ ڪارونجهر کي چيري ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري قيمتي پٿر کڻي چوري ڪيو پيو وڃي،اهو عمل اسان ڪنهن به صورت ۾برداشت نه ڪنداسين،ڪارونجهر اسان لاءِ سڀ ڪجھ آهي،اسين ڪنهن به ريت ڪارونجهر کي تباھ ٿيڻ نه ڏينداسين،هتي سگهاريون ڌُريون وڏي عرصي کان ڪارونجهر کي چيري اُنهي جو قيمتي پٿر کنيو پيو وڃي،چون ٿا ته انهي جون ليزون آهن،اسين پڇڻ ٿا چاهيون ته ڇا اسان جي وسيلن کي بچائڻ بدران انهن کي ليزن تي ڏيئي ختم ڪيو ويندو،هي ڪٿان جو قانون ۽ انصاف آهي،دنيا جا ملڪ پنهنجي قيمتي ماڳ اثاثا سمجهي بچائيندا آهن،پر اسان وٽ بدقسمتي اهو آهي جو اسين انهن وسيلن کي بچائڻ بدران تباھ ۽ ختم ڪري رهيا آهيون،اسان چيون ٿا ته ڪابه ليز اسان کي قبول ناهي،سموريون ليزون غيرقانوني آهن،اُنهن کي فوري طور تي رد ڪيو وڃي،اسان پنهنجن وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻون ٿا،ڪارونجهر اسان جي دل جي دل آهي،جيڪو دل ڪنهن به صورت ۾ جدا ڪري نه ٿي سگهجي،دل بنا اسان به زنده رهي نه ٿا سگهون،وڏي عرصي کان اسان جي وسيلن تي ڌارين جا قبضا آهن،سمورين وسيلن جون ليزون ڌارين حوالي ٿيل آهن،پڇڻ چاهيون ٿا ته ايترو عرصو توهان ڪارونجهر سميت معدني وسيلن جي تباهي ڪئي،عيوض ۾ هتان جي ماڻهن کي ڇا ڏنو آهي.