سنڌ جي ساڃاهه وند سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف پرامن مزاحمت جاري رکڻ جو اعلان

سنڌ جي ساڃاهه وند سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف پرامن مزاحمت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊووڪيٽ يوسف لغاري، لالا رحمان سمون، جامي چانڊيو، امر سنڌو، پروفيسر امداد چانڊيو، تاج جويو، مشتاق ميراڻي، بخشل ٿلهو، مهيش ڪمار، مسرور شاهه، ڊاڪٽر حسين مسرت شاهه، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اڄ اسان اديب، سياسي ڪارڪن ۽ مجموعي طور تي سنڌ جي ذميوار شهرين جي حيثيت ۾ موجوده صورتحال ۾ جمهوري ۽ وفاقي تقاضن ۽ 18هين ترميم، سنڌ جي وحدت ۽ آئيني خودمختياري تي وفاق جي طرفان ڪيل حملي خلاف گڏ ٿيا آهيون، سنڌ جي آئيني خودمختياري جي حدن ۾ وفاق طرفان مسلسل مداخلت جو سلسلو جاري آهي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته هڪ آرڊيننس ذريعي پيڊا جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، ترقي جي نالي تي نام نهاد منصوبن جو ڄار وڇايو ويو آهي، سنڌ تي حملو برداشت نه ڪيو ويندو، آرڊيننس سنڌ جي وحدت تي حملو ۽ قبضا گيري جو عمل سمجهون ٿا. اسان سنڌ حڪومت کان به مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ جي ٻيٽن جي حوالي سان آرڊيننس کي رد ڪري صوبائي قانون سازي ڪرڻ گهرجي