سنڌ جي ساڃاهه وندن جو ساراهه جوڳو قدم، مذهبي انتهاپسندي رد، مانجهي فقير سان ايڪي جو اظهار

مقصودورند:- سنڌ جي ناليواري صوفي شاعر ۽ راڳي مانجهي فقير جو آستانو جيڪو تعلقي شهدادپور جي شهر ٻرهوڻ لڳ ڳوٺ محمد علي بوداڻي ۾ قائم آهي. اتي اڄ سڄو ڏينهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل سياسي سماجي اڳواڻن ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جو ميرو متل هو. جيڪي ساڻس يڪجهتي طور ملڻ لاءِ آيل هئا تن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جيئي سنڌ محاذ جا اڳواڻ رياض چانڊيو، نواز شاهه ڀاڏائي، ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ امداد قاضي، هيومن رائيٽس الائنس جا اڳواڻ جامي چانڊيو، ڊاڪٽر عرفان ملاح، امر سنڌو، امداد چانڊيو، پنهل ساريو، سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻ تاج مري، مير منور ٽالپر، گلاب پيرزادو، صحافي، اديب ۽ سول سوسائٽي جا حامد سومرو، نريندر ڪمار، ستار رنگيجو، سردار اياز ميمڻ، رشيد ڏيٿو، جاويد عمراڻي، مبن منڱريو، جاويد سوز هالائي ۽ ٻيا شامل آهن. ان موقعي تي جامي چانڊئي، ڊاڪٽر نياز ڪتالاڻي رياض چانڊئي ڊاڪٽر عرفان ملاح امداد چانڊئي امڙ سنڌو تاج مري ۽ ٻين ويچار ونڊيندي چيو ته راڳ ۽ رقص سنڌ جي سڃاڻپ آهي. مانجهي فقير سنڌ جي ثقافتي تاريخي ۽ فڪري تحريڪ جي سڃاڻپ آهي ليڪن هن ملڪ اندر انتهاپسندي بي لغام بڻجيل آهي. جنهن کي رياست جي پٺڀرائي حاصل آهي ان ڪري خاص طور سنڌ ۾ درگاهن، مسجدن ۽ امام بارگاهن تي جن به حملا ڪيا آهن تن خلاف حڪومت ڪوبه نتيجا خيز تحرڪ نه ورتو آهي. هنن چيو ته ضلعي سانگهڙ جو هي علائقو ماضيءَ ۾ حرتحريڪ ۽ اڌ بٽائي تحريڪ جو مرڪز رهيو آهي. ان علائقي مان مانجهي فقير جهڙي امن ۽ محبت جي پرچارڪ صوفي راڳي خلاف غلط عمل ٿين اهيو افسوس جو مقام آهي. هنن چيو ته اڄ سڄي سنڌ مانجهي فقير وٽ گڏ ٿي اهيو واضح ٿي ڪري ته سنڌ جا فڪري رهبر شاھ لطيف، سچل ۽ سامي شهيد سورهيه بادشاهه سائين جي ايم سيد آهن اسان سنڌ جا باشعور ماڻهو سنڌ جي تصوف واري فڪري تحريڪ ذريعي سنڌ کي مذهبي انتهاپسندي جي ٻاهران آندل زهر ذريعي تباھ ٿيڻ نه ڏينداسين اسان انهن قوتن کي پڻ ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان مخدوم بلاول ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد جي تصوف واري سنڌ جي سڃاڻپ بچائڻ لاءِ مانجهي فقير جي تڏي تي آيا آهيون. ڇاڪاڻ ته هو ان تسلسل جو آواز آهي. ان موقعي تي مانجهي فقير سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي باشعور دوستن جي اجتماع کي خطاب ڪندي سندن ٿورا مڃيا ۽ چيو ته آئون سنڌ جي تاريخي صوفي فڪر جي روح جو آواز آهيان ۽ پنهنجي شاعري ۽ راڳ وسيلي سنڌ ڌرتيءَ جو اهو قرض لاهڻ چاهيان ٿو. ان راه ۾ مونکي جان جي قرباني ڏيڻي پئي ته اها به نچي ڪڏي ڏيندس. ان موقعي تي هن ۽ قومي راڳي ٻيجل سنڌي ڪيترائي صوفي ۽ قومي ڪلام ڳائي سڄي سنڌ مان آيل جي جذبن کي اڀاري ڇڏيو ۽ هر طرف حق موجود ۽ جيئي سنڌ جا نعرا گونجندا رهيا. ٻئي طرف مانجهي فقير جي مانجهائي جماعت جي فقيرن طرفان سمورن آيلن لاءِ ننگر جي بندوست ڪيل هو.