سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضاگيري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نہ ڪئي ويندي: جلال محمود شاه

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته ٻيٽن بابت پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته صوبائي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي رٿابندي سان ٺهندڙ ترقياتي اسڪيمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايس يو پي سربراهه جو چوڻ هو ته اسان ترقيءَ جا مخالف ناهيون پر ترقي جي نالي تي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضاگيري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نہ ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت پهنجن گناهن کي لڪائڻ خاطر وفاق ۽ ٻين بالادست قوتن جي اشاري تي سنڌ جي خلاف هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي جيڪو صوبائي وزير جي بيان مان صاف ظاهر آهي. سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي ڪهڙي گارنٽي ڏيندي ته سنڌ جي ٻيٽن تي تعمير ٿيندڙ نوان شهر جيڪي اڏجي رهيا آهن انهن ۾ ڪير آباد ٿيندو؟ هن وقت تائين سنڌ حڪومت سنڌ اندر رهندڙ لکين غيرملڪين کي نيڪالي به نٿي ڏئي سگهي تہ پو۽ سنڌ حڪومت سنڌ ۾ روزگار جي نالي تي ٻاهران ايندڙ لکين ماڻهن جا رستا ڪيئن روڪي سگهندي. ان ڪري محسوس ايئن پيو ٿئي ته هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي زمين، وسيلن ۽ ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي رٿابندي ۾ پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آئي وچم طاقتور ڌرين ڪو نئون مهائدو ڪرايو آهي. سنڌ حڪومت اخلاقي طور تي حڪومت ڪرڻ جو جواز وڃائي چڪي آهي پر پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار آهي،هاڻي اهو سنڌي عوام تي ڇڏيل آهي ته ايندڙ وقت ۾ پيپلزپارٽي جي خلاف ڪهڙو احتساب ٿا ڪن.