سنڌ جي زمينن تي ڌارين جي والار خلاف ملير ۾احتجاج، جدوجهد جو اعلان

ملير :- سنڌ جي قديمي ۽ تاريخي ضلعن ملير، ڄامشورو، ٺٽو ۽ ڪوهستان سميت سنڌ جي زمينن تي بحريا ٽائون پاران تاريخ جي سڀ کان وڏي والار خلاف گذريل ڏينهن انڊيجينيس رائٽس الائنس جي سڏ تي ميمڻ ڳوٺ ملير ۾ احتجاجي ريلي بعد ميمڻ ڳوٺ جي مک چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ملير جي ڳوٺاڻن کانسواءِ ڄامشورو، ٺٽو ۽ ڪوهستان جي ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي ريلي ۾ بحريا ٽائون، ملڪ رياض، سنڌ ۾ ڌارين جي والار خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاج ڪندڙ اڳواڻ ۽ ڳوٺاڻا مطالبو ڪري رهيا هئا ته سنڌ جي زمينن تان والار ختم ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي، احتجاجي مارچ ميمڻ ڳوٺ جي مک چوڪ تي پهچي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو، ان موقعي تي انڊيجنيس رائٽس اڳواڻ عثمان بلوچ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جون سموريون زمينون بحريا ٽائون کي وڪرو ڪري سنڌ ۾ وڏي تباهي آندي پئي وڃي، جنهن سان ڌرتي ڌڻي هميشه لاءِ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جا سمورا ماڻهو گڏجي پنهنجن زمينن کي بچائڻ لاءِ اُٿي بيهون، ٻي صورت ۾ هميشه لاءِ دائمي غلامي ۾ جڪڙجي وينداسين، ان موقعي تي انڊيجينيس رائٽس الائنس جي مرڪزي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته ملڪ رياض رياست جي سرپرستي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار ڪري اسرائيلي منصوبو جوڙي رهيو آهي، هن چيو ته اسان بحريا ٽائون خلاف گذريل 5 سالن کان وٺي مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون پر بحريا ٽائون جي والار ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي، ملير جي زمينن تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ ڄامشورو ۽ ٺٽي جي زمينن تي والار شروع ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن اها والار بند نه ٿي ته اسان کان حق ۽ حاڪميت کسجي ويندي، هن چيو ته اسان جي جدوجهد آخري دم تائين جاري رهندي، احتجاج کي الائنس جي مرڪزي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه خطاب ڪندي چيو ته هن وقت سنڌ جي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي زمينن تي تاريخ جي سڀ کان وڏي والار ڪري ڌارين کي تيزي سان آباد ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ملير جي علائقي گڏاپ ۾ 45 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي والار ڪري بحريا ٽائون ٺاهڻ کانپوءِ ضلعي ڄامشورو ۾ بحريا گرين سٽي جي نالي تي هزارين ايڪڙ زمين ملڪ رياض کي ڏني وئي آهي انهي کانسواءِ ڪوهستان، ٺٽي ۽ ٻين علائقن ۾ سنڌ جي زمينن تي والار جو سلسلو جاري آهي، هن اعلان ڪندي چيو ته سنڌ جي زمينن کي هڙپ ڪرڻ خلاف انڊيجينيس رائٽس الائنس جي جدوجهد جاري رهندي، ان موقعي تي ڪوهستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ انور پالاري خطاب ڪندي چيو ته ملير کان وٺي ڄامشورو تائين سنڌ جون قيمتي زمينون تاريخي ماڳ مڪان ۽ ڪوهستان جا جابلو علائقا ملڪ رياض کي وڪرو ڪري ڌرتي ڌڻين کان زمينون کسيون پيون وڃن، هن چيو ته بحريا گرين سٽي جي نالي تي ڄامشورو جي چئن ديهن ۾ ملڪ رياض کي هزارين ايڪڙ زمين وڪرو ڪئي وئي آهي جنهن سان سوين ڳوٺ، مال جا چراگاهه متاثر ٿيندا، محقق ۽ تاريخدان گل حسن ڪلمتي خطاب ڪندي چيو ته گڏاپ ملير ۾ ملڪ رياض 45 هزار کان وڌيڪ زمين تي قبضو ڪري غيرقانوني منصوبو ٺاهيو آهي، ڪورٽ هن کي 16 هزار ايڪڙ زمين ڏني آهي جيڪا پڻ غيرقانوني آهي پر ان جي باوجود ملڪ رياض ڀروارن ڳوٺن کي ڊاهي وڌيڪ زمين تي قبضوڪري رهيو آهي، هن چيو ته بحريا ٽائون، بحريا گرين سٽي ڄامشورو ۽ ٺٽي جي زمين تي والار خلاف جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، ان موقعي تي الائنس اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ خطاب ڪندي چيو ته ملڪ رياض ڄامشورو ۾ 523 ايڪڙ نه پر 90 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي هن چيو ته سنڌکي مال غنيمت سمجهي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن اها والار نه رُڪي ته اسان هميشه لاءِ غلام بڻجي وينداسين، ان موقعي تي رخمان گل پالاري چيو ته اسان کان زمينون کسي اسان جي وجود تي وار ڪيو ويو آهي هڪ طرف هزارين ڳوٺن تاريخي ماڳ، مڪانن، ثقافتي ورثن ۽ وائلڊ لائيف جي زمينن تي قبضو ڪري ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪيو پيو وڃي، ان موقعي تي مظاهري کي ڪوهستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ محمد بخش بروهي، يونس خاصخيلي، علي مستوئي، سليم جي ميمڻ، حفيظ بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو