سنڌ جي رورل هيلٿ سينٽرن جون 30 کان وڌيڪ ايمبولنسون مڪمل طور ناڪاره بڻيل

حيدرآباد :- سنڌ جي رورل هيلٿ سينٽرن جون 30 کان وڌيڪ ايمبولنسون مڪمل طور ناڪاره بڻيل آهن. انهن مان اڪثر گاڏيون 35 سالن کان به پراڻي ماڊل جون هجڻ سبب بار بار مرمت کان پوءِ ٻيهر خراب ٿيڻ ڪري مٿن لاڳت به گھڻي اچي ٿي. حيدرآباد ريجنل آفيس ۾ ، آءِ ايڇ ايس جي آپريشنل هيڊ، طاهر عباس انهي صورتحال جا وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيوته اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز جي انتظام هيٺ سنڌ جي رورل هيلٿ سينٽرن ۾ 142 ايمبولنس گاڏيون آهن. جن ۾ 100 کان وڌيڪ 24 ڪلاڪ فنڪشنل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايمرجنسي هيلٿ ڪيئر لاءِ آٽوز فٽنيس جي معيارن تي پورو لهندڙ سرگرم ايمبولنس نيٽ ورڪ ضروري هوندو آهي. جنهن سان ڪيتريون ئي قيمتي زندگيون بچائي سگھجن ٿيون. طاهر عباس ڪجھ هيلٿ مرڪزن تي ايمبولنس جي نه هجڻ واري تاثر جي حوالي سان ٻڌايو ته سنڌ جي هيلٿ کاتي سان ٿيل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ معاهدي موجب اسانجو ادارو آءِ ايڇ ايس ڪا نئين گاڏي نٿو خريد ڪري سگھي. هن چيو ته اسان وٽ هيلٿ کاتي جون 30 کان وڌيڪ گاڏيون 1982 يا 1984 جي پراڻن ماڊل جون شامل آهن، جن کي وقت به وقت چڱي خاصي رقم خرچ ڪري هلڻ جوڳو بڻايو ويو آهي. طاهر عباس، شهيد بينظير آباد ريجن جي ڪنڊياري تعلقي اسپتال سان لاڳاپيل خبرن جي حوالي سان ٻڌايو ته اتي ٻن ايمبولنس گاڏين مان هڪ 1994 پراڻي ماڊل جي متسوبشي کي گذريل سال فيبروري ۾ ٻه لک رپيا خرچ ڪري ٺيڪ ڪرائي وئي هئي، جيڪا فقط ڏهن مهينن ۾ ٻيهر خراب ٿي پئي آهي. جنهن جي مرمت تي ٽن لکن کان وڌيڪ جي لاڳت جو ڪاٿو آهي. جڏهن ته موٽر مڪينڪس ان کي مرمت جوڳو نٿا سمجھن. هن وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير آباد ريجن جي باقي ٽن ضلعن جي 30 رورل ۽ تعلقي اسپتالن ۾ 22 ايمبولنس گاڏيون هلندڙ آهن، جڏهن ته ڇهه گاڏيون مرمت جوڳيون نه هجڻ سبب بيهجي ويون آهن. حيدرآباد ريجنل آفيس پاران ، آءِ ايڇ ايس جي انتظام هيٺ سنڌ جي 21 ضلعن ۾ ايمبولنس نيٽورڪ جا وڌيڪ تفصيل ڄاڻائيندي چيو ويو ته حيدرآباد ريجن جي 10 ضلعن جي 42 هيلٿ فيسلٽيز جي ڪل 49 ايمبولنسن مان 12 بلڪل به ناڪاره قرار ڏنيون ويون آهن. جيڪي هاڻي مرمت جوڳيون ناهن رهيون، جڏهن ته 37 گاڏيون باقائده فنڪشنل ۽ روڊن تي هلندڙ آهن. اهڙي طرح لاڙڪاڻي ريجن جي 7 ضلعن جي 39 هيلٿ مرڪزن ۾ ڪل 63 ايمبولنس گاڏين مان 13 مڪمل ناڪاره بڻيل آهن. جڏهن ته 42 روڊن تي هلندڙ آهن. انهن ۾ 8 گاڏيون مرمت جوڳيون آهن. جن کي وقت به وقت رپيئر ڪري فنڪشنل بڻايو ويو آهي.