سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل کي 5 سال مڪمل ٿي ويا

سکر:- سکر ۾ مسجد اندر نماز دوران شهيد ٿي ويل ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي جي قتل کي 5 سال مڪمل ٿي ويا، اي ٽي سي ڪورٽ سکر ۾ قتل ڪيس هلندڙ، ڪيس ۾ هڪ گواهه ۽ انويسٽيگيشن آفيسر سميت پوليس جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيا، قتل ڪيس ۾ نامزد 6 ئي جوابدار گرفتار ٿي چڪا. جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي سينيٽر شهيد علامه ڊاڪٽر محمود سومرو جي قتل کي 5 سال مڪمل ٿي ويا، گلشن اقبال سکر ۾ واقعه جامعه حقانيه مدرسي واري مسجد ۾ 29 نومبر 2014 ع ۾ فجر جي نماز ادا ڪرڻ دوران هٿياربندن فائرنگ ڪري سنڌ دوست عالم علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي شهيد ڪيو هو، جنهن جو ڪيس سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس سينٽرل جيل جي ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، ڪيس جي فريادي مولانا راشد محمود سومرو، گواهن ۽ شاهدن توڙي مئجسٽريٽ ۽ سرڪاري ڊاڪٽر جا بيان ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته قتل ڪيس ۾ هڪ گواهه سميت انويسٽيگيشن آفيسر، ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي شاهد پوليس اهلڪارن جا بيان اڃان رڪارڊ ناهن ٿي سگهيا، جي يو آئي پاران اڳ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ملٽري ڪورٽ منتقل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻا پڻ هنيا ويا، پر سنڌ سرڪار يقين ڌهاني باوجود ڪيس ملٽري ڪورٽ منتقل نه ڪري سگهي، جوابدارن پاران جي وڪلين معرفت ڏنل ضمانت واريون درخواستون پڻ خارج ٿينديون رهيون آهن، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ٻه ڀيرا ضمانت واري درخواست خارج ڪري چڪي آهي. 2014 ع ۾ ان وقت سکر جي ايس ايس پي تنوير تنيو شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ جوابدارن حنيف ڀٽو، مشتاق مهر، الطاف جمالي، دريا جمالي، لطف جمالي ۽ سارنگ ٽوٽاڻي کي جوابدار طور ڪيس ۾ نامزد ڪري گرفتار ڪيو ويو هو. قتل واردات ۾ استعمال ڪيل ڪار ۽ هٿيار پڻ لاڙڪاڻي مان جوابدار حنيف ڀٽو جي جڳھ مان برآمد ڪيا ويا هئا، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ دوست عالم ۽ اسلام پرست اڳواڻ هو. سينيٽ جي 6 سالن دوران سنڌ جي حقن ۽ ماروئڙن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو، خالد محمود سومرو، ڪالاباغ ڊيم کان وٺي ڀاشا ڊيم ۽ ٿل ڪئنال ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي موت سميت آواز اٿاريو ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ۽ سنڌ جي حقن لاءِ مسجد جي ميمبر تي به خاموش نه رهيو، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ايم بي بي ايس ڊاڪٽر جي ڊگري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي، مصر مان به پڙهي چڪو هو. هوڏانهن جي يو آئي سنڌ پاران سکر ۾ 28 نومبر تي شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ 5 ورسي جي موقعي تي شهيد اسلام و آزادي مارچ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته 29 نومبر تي سکر سميت سڄي سنڌ ۾ قاتلن ۽ انهن جي سرپرستن کي سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاجي مظاهرن جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي