سنڌ جي بکايل ماڻهن لاڪ ڊائون ٽوڙي ڇڏيو: مختلف شهرن ۾ حڪومت خلاف ڌرڻا

حيدرآباد :- سنڌ جي بکايل ماڻهن لاڪ ڊائون ٽوڙي ڇڏيو: مختلف شهرن ۾ حڪومت خلاف ڌرڻا. لاڙڪاڻي شهر جي يونين ڪاميٽي 9 جي رهواسي نوجوانن هٿن ۾ پٿر کڻي راشن ۽ مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن “ڏيو ڏيو راشن ڏيو”، بچايو بچايو بکون ڪاٽڻ کان بچايو” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا به هنيا. ان موقعي تي گهنٽي ڦاٽڪ، ريلوي ڪالوني، ريالي باغ ۽ ٻين علائقن جي رهواسي نوجوانن ساجد قريشي، شير دل چانڊيو، شاهد چانڊيو، مرتضيٰ بروهي ۽ ٻين دانهيو ته سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل لاڪ ڊائون جي چوڏهين ڏينهن به اسان کي راشن ناهي ملي سگهيو ۽ نه ئي ڪنهن مالي سهائتا ڪئي آهي. مٽياري جي ماڇي برادري سان تعلق رکندڙ ڏهاڙيدارن جو راشن نه ملڻ خلاف احتجاج، ماڇي برادري جي ماڻهن زاهد، جمال، مهتاب، جئيل، راضو، صوفن ۽ حاجي ڏاتو پاران پير نور شاھ سيري وٽ احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان سڀ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ آهيون جنهن ۾ رازا، ڪارن جا مستري، پلمبر ۽ هارپو ڪندڙ پورهيت شامل آهيون اسان لاڪ ڊائون سبب ڪيترن ئي ڏينهن کان گهرن ۾ بند آهيون جنهن سبب اسان وٽ گذريل ٽن ڏينهن کان کائڻ لاءِ راشن نه آهي ۽ انتظاميا يا چونڊيل نمائندن پاران اسان جي ڪنهن به سار نه لڌي آهي هاڻ اسان جا ٻچا بک تي ويٺا آهن لڳي ائين رهيو آهي ته اسان ڪرونا نه پر بک بدحالي سبب مري وينداسون. حيدرآباد جي شاهه لطيف لالو لاشاري جي رهواسي پورهيت امير علي چانڊيو لاڪ ڊائون دوران راشن ۽ مالي ساهتا نه ٿيڻ خلاف ڪالهه پنهنجي ٻارن سميت حيدرآباد پريس ڪلب سامهو احتجاج ڪيو. ٽنڊومحمدخان شهر ۽ ڀرپاسي  ۾ چوڏهين ڏينهن به لاڪ ڊائون سبب مک ڪاروباري مرڪز ،  واڻ بازار ، تين بتي چار رسته ، اسٽيشن روڊ ، شاهي بازار ، ايوبيا اسٽاپ، مرتضى چوڪ ، پاڪستاني چوڪ سميت اڪثر ڪاروباري علائقا بند رهيا  پوليس ۽ رينجرس جو گشت روڊن تي جاري رهيو. جيڪب آباد ۾ هلندڙ 2 هفتن کان لاڪ ڊائون بعد شهرين کي امداد ۽ راشن نه ملڻ خلاف جيڪب آباد جا معذور به روڊن تي نڪري آيا ۽ ڊي سي هائوس جي مرڪزي گيٽ آڏو پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ ضلعي انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي وئي. جڏهن ته معذورن انڌن گونگن اشارن ۾ نعريبازي پڻ ڪئي. هالا ۾ راشن تقسيم هجڻ تي وارڊ 14جو عوام لاڪ ڊائون جي پابندين کي ٽوڙيندي عورتون ۽ مردن وڏي انگ ۾ روڊ تي نڪرندي تڪ جي ڪائونسلر صدورو ڏاھري پاران راشن لاءِ سندن نالا لکڻ بعد به کين راشن نه ڏيڻ ۽ راشن گهرڻ تي ان پاران کين گارگند ڪرڻ جا الزام هڻندي ان خلاف ڀاگڙي بازار ۽ مخدوم هائوس جي گيٽ آڏو احتجاج ڪيو،  ٻئي طرف خيرپور ۾ مستحقن لڙڪ لاڙيندي چيو ته ملڪ ۾ هلندڙ ڪرونا وائرس جي ڪري سنڌ ۾ مڪمل طور لاڪ ڊائون واري حڪم تي عمل ڪندي اسان پنهنجي گهرن تائين محدود آهيون ته ڪير ٿو ڪو اسان جي سار لهي هنن سنڌ حڪومت ۽ سرندي واران کان گهر ڪندي چيو آهي ته پيٽ گذرڻ ۽ زندهه رهڻ جي لاءِ راشن ۽ مالي امداد ڏني وڃي ته جيئن اسان به بکي پيٽ جي باهه ماري سگهون ۽ زندهه رهي سگهون.  لقمان جي شهرين پاران چونڊيل نمائندن خلاف روڊ تي نڪري چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شهرين ذوالفقار، اشرف، ياسين، منصور، شبير، سمير ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان پيپلزپارٽي جا ووٽر آهيون. اسانجي گهرن ۾ فاقه ڪشي آهي. افسوس هن صورتحال ۾ به خبر ناهي ڪٿي گم ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته خدارا کين راشن فراهم ڪري سندن ٻچڙن کي فاقه ڪشي کان بچايو وڃي. جوهي، راضيديرو، ٺڪراٺو، اڏيرو لال ۽ ٻين شهرن ۾ به مستحقن پاران راشن لاءِ مظاهرا ڪيا ويا..