سنڌ جي بجيٽ اربع تي پيش ڪرڻ جو فيصلو، ملازمن جون پگهارون نه وڌائڻ جو امڪان

ڪراچي :- سنڌ جي مالي سال 2020-21 جي بجيٽ 17 جون تي پيش ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي بجيٽ جو ڪاٿو 1230 ارب رپيا هوندو، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جي تجويز ناهي. ذريعن موجب نئين بجيٽ ۾ اي ڊي پي لاءِ 160 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته صحت کاتي جي ترقياتي رٿائن لاءِ 25 ارب رپيا رکيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي لاءِ 190 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته بجيٽ ۾ ڪا به نئين ٽيڪس نه لڳائي ويندي. ذريعن موجب زراعت ۽ آءِ ٽي شعبن لاءِ ننڍا وڏا قرض ڏيڻ جي تجويز شامل آهي، جڏهن ته غربت جي خاتمي لاءِ ڪيس ٽرانسفر اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام جي رقم ۾ 25 کان 30 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پ پ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني، منظور وساڻ، صوبائي وزيرن ۽ ايم پي ايز جي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال سٺي ناهي، موت جي شرح وڌي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪورونا جا ڪيس روزانو 2 هزار کان وڌي رهيا آهن، اربع تي صوبائي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اربع ڏينهن بجيٽ پيش ڪئي ويندي، بجيٽ ۾ ڪورونا وائرس ۽ غربت جي خاتمي لاءِ فنڊ رکيا ويندا. هن جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ سماجي ڀلائي جي پروگرام کي به اوليت ڏني ويندي، اي ڊي پي ۾ جاري اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. وڏي وزير جو چوڻ هو ته هر حال ۾ صوبي جي عوام جي خدمت ڪندا، ڪورونا وائرس سبب سنڌ جو عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، هو عوام جون ڏکيائيون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا