سنڌ جي انقلابي شاعر ابراهيم منشي کي وڇڙئي 16 ورهيه گذري ويا

بدين :- سنڌ جي انقلابي شاعر فقير ابراهيم منشي  جي 16 هين ورسي بزم روح رهاڻ شاخ بدين پاران  ستار جوکيه هائوس تي نهايت سادگي سان ملهائي ويئي جنهن جي صدارت  ناليواري راڳي استاد الهڏنو جوڻيجو ڪئي ان موقعي تي بزم جي صدر ۽ نالي واري سينئر صحافي عبدالمجيد ملاح چيو ته ابراهيم منشي سان ملاقات 1970 ع کان اڳ ۾ ٿي جڏهن اسان گڏجي بدين ۾ پيپلزپارٽي جي عام جلسن جو ورڪ ڪندا هئاسين ۽ ابراهيم منشي ان وقت به عام  جلسن دوران انقلابي گيت ۽ شاعري ٻڌائي ڪري  پيپلزپارٽي جو پروگرام گهر گهر پهچايو سندس شاعري  ۾ جيڪو سرور هو اهو ماڻهن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. سندس انقلابي گيت ماڻهن تي اثرانداز ٿي ويندا هئا. ناليواري ليکڪ محمد موسيٰ جوکئي چيو ته منشي ابراهيم ۽ فاضل راهو سان گڏ جيل ۾ رهيا اتي ملاقاتون ڪرڻ لاءِ ويندا هئاسين ۽ اتي به جيل جا درد ڏک شاعري ذريعي هو ٻڌائي ماڻهن کي همٿ ڏياريندو  هو  لاڙ آرٽ ڪائونسل جي سيڪريٽري ۽ نوجوان شاعر ستار جوکئي چيو ته منشي جو شاعري وسيلي  جيڪو پيغام مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ تلوار کان گهٽ نه آهي هو دلير انسان هو، پنهنجي ڏات جي ذريعي جيڪو شعور ڏنو اهو تاريخ ۾ ڪڏهن به نه وسرندو. سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جي سيڪريٽري امرو سومرو چيو ته ابراهيم منشي  سنڌ کي پنهنجي شاعري جي ذريعي ڀيٽا ڏني. صدارتي تقرير ڪندي الهڏني جوڻيجو چيو ته فقير ابراهيم منشي جنهن دور  ۾ انقلابي شاعري پيش ڪئي ان وقت وڏيرن جا ٿيندڙ غريب ماڻهن تي معاشي ظلم برداشت ٿيڻ جوڳا نه هئا هن اکين سان اهي ظلم ڏسي شاعري ڪئي. جنهن سنڌ ۾ وڏيرن جي چيلهه ڀڄي وڌي ۽ غريب هاري ناري مزدور ميدان تي نڪري آيو. ورسي تقريب کي لياقت قمبراڻي، اسلم چنه، ساجد بوهڙ، شير علي قاضي ، مير اشفاق ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي فقير ابراهمي منشي لاٰءِ قل پڙهي دعا گهر ويئي.