سنڌ جي امر شهيد نواب مبارڪ علي خان دولهه دريا خان جي 500 هين ورسي جي موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ٺٽو :- سنڌ جي وزيراعظم سنڌ جي امر شهيد نواب مبارڪ علي خان دولهه دريا خان جي 500 هين ورسي جي موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سوره سنڌي شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي فرزند ڄام سنگھار ڪرناڻي ڊاڪٽر نياز ڪرناڻي يوسف ڪرناڻي راول ڪرناڻي انور بڙدي يوسف خشڪ جي اڳواڻي ۾ شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي مزار کان مڪلي ۾ واقع شھيد دولھ دريا خان جي مزار تائين ريلي ڪڍي شهيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پزهي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ شهيد کي سلام پيش ڪيو ويو ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سوره سنڌي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد دولھ دريا خان سنڌ جو امر شهيد هئو جنهن پنهن جي جان سنڌ وطن تان قربان ڪئي هن چيو ته سمن جو دور سنڌ جو سنهري دور هيو جنهن ۾ سنڌ پنهنجي ترقي ۽ خوشحالي جو اوج ڏٺو شهيد دولھ دريا خان پنهن جي دانشمندي سان سنڌ کي درپيش خطرن کي منهن ڏنو هو هن پنهنجي دانشمندي سان مهدي جونپوري جي فتني کي پڻ منهن ڏنو هن چيو ته ڄام نظام الدين جي وفات کان پو۽ ڄام فيروز تخت تي ويهڻ سان ئي شهيد دولھ دريا خان جو قدر نه ڪيو ۽ دولھ دريا خان ڄام فيروز جي اهڙي روش۽ وطن کان دوري اختيار ڪرڻ تي دولھ دريا خان وزيراعظم جو عهدو ڇڏي گوشانشيني اختيار ڪئي پر جڏهن شاھ بيگ ارغون اهڙين حالتن جو فائدو وٺندي سنڌ تي حملو ڪري ڏنو جنهن تي شهيد دولھ دريا خان سنڌ خاطر سمورن اختلافن کي ختم ڪري شاھ بيگ ارغون جي خلاف ساموئي جي مقام تي شاھ بيگ ارغون خلاف جنگ جوٽي وڙهندي شهادت ماڻي هن چيو ته موجوده حالتن ۾ سنڌ خطرن جي ور چڙهيل آهي ان وقت شهيد دولھ دريا خان جي پيروي ڪندي وطن جي حفاظت لا۽ ميدان ۾ نڪرڻو پوندو تڏهن ئي وطن کي بچائي سگهبو