سنڌ جي اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ صحافين انور پيرزادي کي ڀيٽا پيش

ملير :- سنڌ جي اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ صحافين انور پيرزادي کي ڀيٽا پيش ڪندي کيس سنڌ ۽ ڀٽائي جو عاشق قرار ڏيندي وچن ڪيو ته انور جي سنڌ ڪاز کي پنهنجي منزل تائين رسائي لطيف جي رهنمائي ذريعي سنڌ کي شعوري طور بيدار ڪبو. خبرموجب موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ لطيف جي پارکو ۽ ناليواري صحافي انور پيرزادو جي 13 هين ورسي ملير پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي. ورسي کي خطاب ڪندي ناليواري ليکڪ، اديب، صحافي رئوف نظاماڻي چيو ته انور پيرزادو سنڌ ۽ ڀٽائي جو عاشق هو، جنهن سنڌ جي ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي قلمي جدوجهد ڪئي، جنهن صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، هن سنڌ جي ڪيس کي دنيا آڏو رکيو. هن چيو ته انور گهڻ رخي شخصيت هو سندس محبت جو مرڪز سنڌ هو، هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت کي مضبوط ڪيو، هن ماضي ۾ جيڪي ڪاوشون ادبي سنگت لاءِ ڪتب آنديون تن جو مثال نٿو ملي. پروگرام کي خطاب ڪندي سميع بلوچ چيو ته انور پيرزادو سان جيڪڏهن ڪو زندگي ۾ هڪ دفعو به ميل ملاقات ڪندو هو تنهن کي انور پنهنجو ئي لڳندو هو، انور سچو کرو انسان هو. زرار پيرزادو چيو ته انور صاحب ڪڏهن به لڪير جو فقير نه رهيو، سندس آئيڊيل لطيف هو، جيڪڏهن انور پيرزادو مستقل شاعري ڪري ها ته پوءِ هو اياز شيخ کانپوءِ سنڌ جو ٻيو وڏو شاعر هجي ها. هن چيو ته سندس محبتي رويو هر هڪ سان برابر هو، جيڪو ڪنهن وڏي ماڻهو سان ملڻي جلڻي جو طريقو جو سو ئي گهر ڀاتين ۽ خاص طور تي جڏهن محفلن ۾ ڪو معصوم ٻار ايندو هو ته سندس ان لاءِ به ساڳو ئي پيار رکندو هو. ملير پريس ڪلب جي صدر ميرذوالفقار چيو ته اڄ اسان جي اداري کي اهو اعزاز آهي ته اسين هڪ اهڙي شخصيت جي ورسي ملهائي رهيا آهيون جنهن صحافت جي دنيا ۾ هڪ الڳ نالو ، سندس محبت جو مرڪز سنڌ هو، انور پيرزادو جي فرزندن زيد پيرزادو ۽ امر پيرزادو ۽ ٻين پنهنجا ويچار پڻ ونڊيا.