سنڌ جي اجتماعي شعور جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ شهيد بشير خان قريشي جي کنڀجي ويل ناٺي امر قيس ابڙي کي 15 ڪلاڪن بعد بازياب ڪرايو.

ڪراچي : سنڌ جي اجتماعي شعور جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ شهيد بشير خان قريشي جي کنڀجي ويل ناٺي امر قيس ابڙي کي 15 ڪلاڪن بعد بازياب ڪرايو. تفصيل موجب جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي چيئرمين شهيد بشير خان قريشي جو ناٺيءَ ڪراچي مان کنڀجي ويو. 15 ڪلاڪن بعد آزاد، خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات جو پوليس شهيد بشير خان قريشي جي ناٺيءَ انجنيئر امر قيس ابڙو جي ڪلفٽن واري گھرتي چڙهائي ڪئي. چڙهائي دوران اهلڪار موبائل فون چيڪ ڪرڻ بعد کيس کنڀي کڻي ويا، اهلڪار گھر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيميرا به پٽي پاڻ سان کڻي ويا، امر قيس کي 15 ڪلاڪن بعد آزاد ڪيو ويو. اطلاعن موجب کيس گارڊن ٿاڻي تان آزاد ڪيو ويو. پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته امر قيس کي غلط فهمي جي بنياد تي کنڀيو ويو، پڇاڳاڇا بعد اهلڪارن کيس ڇڏي ڏنو.