سنڌ جي آجپي حق ۽ حاڪميت واري جدوجهد تي يقين رکون ٿا : صنعان خان قريشي

ملير :- جيئي سنڌ قومي محاذ جي رٿيل پيغام سنڌ مارچ لاءِ رابطا مهم جاري آهي، جسقم  چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته جسقم  سنڌ جي آجپي ۽  حق ۽ حاڪميت واري جدوجهد تي يقين رکي ٿي. سنڌ کي ورهائڻ واري سازش کي هرگز برداشت نه ڪبو، سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت اسان مٿان فرض برابر آهي، اهڙن خيالن جو اظهار جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي عوامي آواز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي سنڌ خلاف اٿندڙ هر ميري اک کي منطقي انجام تي پهچايو ويندو، سنڌ جو باشعور نوجوان اڄ سڄي سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ دنيا آڏو نروار آهي، هن چيو ته گڏيل قومن آڏو به  سنڌ جو ڪيس رکيو آهي، هن چيو ته 17 نومبر تي سنڌ هڪ دفعو وري گڏ ٿي عالم انسانيت کي ٻڌائيندي ته سندن ڪهڙا حق آهن هوڏانهن ڪراچي ۾ پيغام سنڌ مارچ جي حوالي سان جسقم چيئرمين پاران پارٽي قيادت سان گڏ ملير جي مختلف علائقن جو دورو، مختلف علائقن ۾ پهچڻ تي پيغام سنڌ مارچ جي اڳواڻن تي گلن جي ورکاءَ ۽ کين اجرڪون پارايون ويون، ابراهيم حيدري ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، حاجي شفيع ڄاموٽ جي ڀڳدار پٽ سهيل خان ڄاموٽ، يونس شاھ،  موڪي اوڍامڻ يوسف گڏاڻي کي دعوت ڏني.